توهين اليڪشن ڪميشن، عمران تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

آگسٽ 2, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل شعيب شاهين اليڪشن ڪميشن جي آڏو پيش ٿيو، شعيب شاهين چيو ته مون کي اڃا به ڪيس جو مڪمل رڪارڊ نه ڏنو ويو آهي

وڪيل شعيب شاهين ٻڌڻي سيپٽمبر تائين ملتوي ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ذاتي حيثيت ۾ حاضريءَ کان ڇوٽ جي استدعا ڪئي

ڪيس جي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ ٻڌڻي 4 رڪني ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ