اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن توهين واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين، اسد عمر ۽ فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو
اليڪشن ڪميشن جي سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، ٽنهي اڳواڻن کي 11 جولاءِ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي
ڌرين جي طرفان وڪيل فيصل چوڌري اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو، وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن جي گذريل ٻڌڻي جو ڪو به آرڊر نه مليو آهي
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جا سمورا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار دراني چيو ته ڌريون اڄ به اليڪشن ڪميشن آڏو پيش نه ٿيون آهن