توهين اليڪشن ڪميشن: فواد چوڌري 6 جون تي طلب

مَي 23, 2023

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) توهين اليڪش ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي 6 جون تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي

اليڪشن ڪميشن ۾ فواد چوڌري ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪيس جون 6 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن فواد چوڌري صرف هڪ ٻڌڻي تي پيش ٿيو آهي

اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪندي فواد چوڌري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي

Leave A Comment