توهين عدالت جي ڪارروائي ججز ڪاميٽي خلاف ٺهي ٿي، چيف جسٽس فل ڪورٽ جوڙي: جسٽس منصور … چيف جسٽس جوابدار هجي ته فل ڪورٽ ڪيئن ٺاهيندو؟ پوءِ ته پرڏيهي جج گهرائڻا پوندا: جسٽس مندو خيل
جنوري 28, 2025
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس خلاف توهين عدالت جو نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو، ڪاميٽيز جي اختيار تي فل ڪورٽ جوڙڻ لاءِ فائل چيف جسٽس کي موڪليو ويو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل بينچ ايڊيشنل رجسٽرار توهين عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جسٽس منصور علي شاهه فيصلي ۾ چيو آهي ته عدالت سامهون شروعاتي طور تي ٻه سوال هئا، پهريون سوال اهو هو ته ڇا ڪو ڪيس، جنهن تي جزوي ٻڌڻي ٿي چڪي هجي بينچ کان واپس وٺي سگهجي ٿو؟ عدالت ان نتيجي تي پهتي ته اهڙو ڪيس واپس يا ڊي لسٽ نٿو ڪري سگهجي.جسٽس منصور فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته ٻيو سوال اهو هو ته ڇا انتظامي آرڊر سان عدالتي آرڊر کي ختم ڪري سگهجي ٿو؟ عدالت ان نتيجي تي پهتي آهي ته انتظامي آرڊر سان جڊيشل آرڊر کي ختم نٿو ڪري سگهجي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايڊيشنل رجسٽرار ڄاڻي واڻي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي نه ڪئي، اهڙو ثبوت ناهي مليو، جنهن سان ظاهر ٿئي ته ايڊيشنل رجسٽرار جو ڪو ذاتي مفاد آهي، بدنيتي جو ثبوت ناهي مليو، ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل خلاف توهين عدالت جو شوڪاز واپس ورتو پيو وڃي.جسٽس منصور فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته بادي النظر ۾ ٻنهي ججز ڪاميٽين جڊيشل آرڊر کي نظرانداز ڪيو، ڪيس بينچ کان واپس ورتو، ٻنهي ڪاميٽين خلاف توهين عدالت جي معاملي تي فل ڪورٽ بينچ جوڙي وڃي، معاملو چيف جسٽس کي موڪليو وڃي ٿو.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽرار آفيس کي حڪم ڏيون ٿا ته ججن جي اختيارن بابت ڪيس واپس 3 رڪني بينچ سامهون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.پوءِ عدالت ڪيس جو 20 صفحن تي ٻڌل لکت حڪم نامو به جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل نذر عباس جي انٽرا ڪورٽ اپيل واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏي. جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس شاهد وحيد درخواست بغير سبب واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏي. بينچ جسٽس منصور علي شاهه جي فيصلي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ججز ريمايڪس ڏنا ته فيصلي ۾ ڪاميٽي ميمبرن کي توهين عدالت جو مرتڪب قرار ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس کي توهين جو مرتڪب چئي ان کي فل ڪورٽ جوڙڻ جو چيو ويو آهي. ڇا توهين جو جوابدار بڻجي چيف جسٽس پاڻ بينچ ٺاهي سگهي ٿو.? جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن مرتڪب قرار ڏنو هو ته فل ڪورٽ جي ڪهڙي ضرورت هئي. جسٽس جمال مندوخيل جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس اپيل واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي ته جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو اوهان اپيل ڇو واپس وٺڻ چاهيو ٿا. وڪيل جواب ڏنو ته توهين عدالت جو نوٽيس واپس ورتو ويو آهي. هن جسٽس منصور علي شاهه جو فيصلو پڙهي ٻڌايو. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته درخواست اسان جي سامھون لڳي چڪي آهي اوهان دعوي واپس وٺي سگهو ٿا درخواست نه. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهين عدالت جو جوابدار هاڻي فل ڪورٽ ٺاهيندو? فيصلي مطابق ڪميٽي ميمبر به توهين عدالت جا مرتڪب آهن. ڇا توهين عدالت ڪرڻ وارا پاڻ فل ڪورٽ ۾ ويهي پنهنجو ڪيس ٻڌندا? ٻڌڻي دوران ٻن ججز وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته شفاف ٽرائل جو حق سڀني کي آهي پر شايد ججز کي ناهي. ججز کي نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ موقف ٻڌڻ بنا ئي توهين عدالت جو مرتڪب قرار ڏنو ويو. ان تي جسٽس شاهد وحيد چيو ته جنهن عدالتي حڪم تي تبصرو ٿي رهيو آهي اهو ته ڪنهن چئلينج ئي ناهي ڪيو ويو. ڇهه رڪني بينچ وٽ سوموٽو وٺڻ جو اختيار ئي ناهي. ڇا هاڻي اسان انٽرا ڪورٽ اپيلون داخل ڪنداسين.? جسٽس مظهر ريمارڪس ڏنا ته سوموٽو ۾ ئي پوري دنيا کي توهين عدالت جو جوابدار بڻايو ويو آهي. جسٽس اطهر من الله معاملو چيف جسٽس کي موڪلڻ تي سوال اٿاريو. چيو ته بينچ کي لڳو هو ته توهين عدالت ججز ڪاميٽي ڪئي آهي ته شوڪاز جاري ٿئي ها چيف جسٽس سميت ڪنهن کي نوٽيس ڪرڻ تي قانون ۾ ڪا قدغن ناهي. هن بينچ کان الڳ ٿيڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته اپيل غير موثر ٿي چڪي آهي اسان جي سامهون هن وقت ڪو ڪيس ئي ناهي. جيڪڏهن هي بينچ ڪارروائي جاري رکڻ چاهي ٿي ته مان بينچ کان الڳ ٿي ويندس. جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو عدليه جي هن اداري جي بدقسمتي آهي عدالت ڇهه ججز جي خط تي جيڪڏهن بيهي رهي ها ته اڄ هي سوال نه ٿين ها. ڇا هاڻي اسان فيصلو ٻڌائيندڙ ججز کي نوٽيس جاري ڪنداسين?. ان دوران بينچ جسٽس منصور علي شاهه جي فيصلي تي سوال اٿاري ڇڏيا. جسٽس مظهر علي چيو فيصلي ۾ ڪاميٽي ميمبرن کي توهين عدالت جو مرتڪب قرار ڏنو ويو آهي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته چيف جسٽس کي توهين جو مرتڪب قرار ڏئي ان کي فل ڪورٽ ٺاهڻ جو چيو ويو آهي ڇا توهين جو ملزم بڻجي چيف جسٽس پاڻ بينچ ٺاهي سگهي ٿو. توهين جي ڪيس ۾ پهريان جنهن تي الزام هجي ان جو موقف ٻڌو ويندو آهي. جسٽس جمال مندو خيل چيو ته جنهن انداز ۾ توهين عدالت جو مرتڪب قرار ڏنو ويو آهي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ نه ويندس، توهين عدالت جي نوٽيس جو سلسلو ختم ٿئي ان لاءِ چاهيون ٿا اهڙا حڪم جاري نه ٿين مستقبل ۾ ايندڙ ساٿي ججز کي توهين عدالت کان بچائڻ چاهيون ٿا، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته هاڻي هي فيصلو عدالتي ملڪيت آهي، هڪ ڀيرو سمورو معاملو ڏسي وٺون ٿا ته جيئن روز جو جيڪو تماشو لڳل آهي اهو ختم ٿي وڃي ڏسي ٿا وٺون ته هي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪيئن ٿي ڇا ڪاميٽين جا فيصلا هن بينچ سامهون چيلينج ٿيا هئا؟ هن چيو ته روز ٻڌون ٿا ته مفادن سان ٽڪراءُ جو معاملو آهي ان لاءِ اسين نه ويهون. آئيني بينچ ۾ شامل ڪري ڪهڙيون مراعتون اسانکي ڏنيون ويون آهن، جيڪڏهن آئيني بينچ ۾ ويهڻ اسان جو مفاد آهي ته پوءِ شامل نه ٿيندڙ متاثرن ۾ شمار ٿيندا، مفادن سان ٽڪراءُ وارا ۽ متاثر ٻئي ڪيس نٿا ٻڌي سگهن، اهڙي صورت ۾ پوءِ ڪنهن پاڙيسري ملڪ مان ججز گهرائڻا پوندا، ڪير اسانکي ٻڌائي ته آئيني بينچ ۾ ويهي اسان کي ڪهڙو فائدو ملي رهيو آهي اسان جو واحد مفاد آئين جو تحفظ ڪرڻ آهي، جسٽس اطهر من الله چيو ته اڄ هڪ سينئر سياستدان جو بيان ڇپيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت ناهي، بيان آهي ته ملڪ آئين تحت نه پيو هلايو وڃي بدقسمتي آهي ته تاريخ مان سبق نه ججز سکيو نه سياستدانن ۽ نه ئي قوم سکيو آهي.