توهين عدالت درخواست، ڀاءَ جو وار به ونگو ٿيو ته ردعمل دنيا ڏسندي، فاتحه پڙهندڙ شرم ڪن: عليمه

توهين عدالت درخواست، ڀاءَ جو وار به ونگو ٿيو ته ردعمل دنيا ڏسندي، فاتحه پڙهندڙ شرم ڪن: عليمه

راولپنڊي / اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان باني سان ملاقات نه ڪرائڻ تي اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 24مارچ جي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرائڻ تي اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي، درخواست ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ، وفاقي ۽ پنجاب جي گهرو سيڪريٽريز کي ڌر بڻايو ويو آهي، عليمه خان پنجاب جي گهرو وزارت ۽ آءِ جي جيلز کي خط لکي باني جي صحت ۽ تحفظ تي به خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو، عليمه خان خط ۾ چيو آهي ته 4 نومبر کانپوءِ باني سان ملاقات ناهي ڪرائي وئي، عالمي ميڊيا رپورٽس ۾ سڪيورٽي تي سوال اٿي رهيا آهن، پنجاب حڪومت فوري طور جواب ڏئي، ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀاءَ جي وار کي به ڪجهه ٿيو ته ردعمل دنيا ڏسندي، فاتحائون پڙهندڙ شرم ڪن، ڪنهن چيو هو ته فاتحه پڙهي وڃي؟ جوان ٻارن جي ڪاوڙ ڏسي مون کي ڊپ لڳي رهيو آهي، پاڪستان کي ان طرح نه ڌڪيو وڃي جنهن سان عوام جو غصو ڪنٽرول ۾ نه رهي، چورن  ڌاڙيلن کي مٿي ويهاريو وڃي ته انتشار پيدا  ٿيندو آهي. عليمه جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستانين جو موڊ ڏسي وٺو، باني کي ڪجهه ٿيو ته اندروني ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ اهي نه بچندا.