توهين عدالت ڪيس: چيف سيڪريٽري سنڌ کي نوٽيس جاري، 22 مارچ تي پيش ٿيڻ جو حڪم

مارچ 20, 2024

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ دادو ضلعي جي جوهي، ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه تعلقن ۾ شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪرڻ خلاف داخل توهين عدالت واري درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي کيس 22 مارچ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

تعلقي جوهي جي رهواسين آفتاب احمد پنهور، نور احمد پنهور ۽ علي اڪبر پنهور وڪيل معرفت توهين عدالت واري درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ انهن موقف اختيار ڪيو ته دادو ضلعي جي ڄاڻايل ٽنهي تعلقن ۾ لڳل آر او پلانٽ توڙي واٽرسپلاءِ جا تلاب غيرفعال بڻيل آهن جنهن ڪري شهري ڪافي سالن کان پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن

 درخواست گذارن موجب جوهي تعلقي ۾ 95 سيڪڙو پاڻي خراب آهي جنهن ڪري شهري ڪيترائي ڪلوميٽر پيادل وڃي پاڻي ڀرين ٿا جڏهن ته ڪجهه ماڻهو پئسن عيوض پيئڻ جو پاڻي وٺڻ تي مجبور آهن، درخواست تي ٻڌڻي جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ڪئي

عدالت پاران طلب ڪرڻ تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ محمد حسن اڪبر، چيف سيڪريٽري سنڌ جي فوڪل پرسن سيد محسن حسين شاهه، ڊي سي دادو صفدر علي ميراڻي، ڪمشنر حيدرآباد احسان علي قريشي، ڊي جي هيلٿ آفيس جي نمائندي ڊاڪٽر وقار محمد، سهيل احمد قريشي، شفيق حسين ميمڻ، عشرت حسين پنهور، سڪندر علي ميمڻ، برڪت علي، محمد صادق لاشاري سميت لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا

وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته لاڳاپيل عدالت هڪ سال اڳ عملدارن کي حڪم ڏنو هو ته ٽنهي تعلقن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سولر سسٽم لڳائي آر او پلانٽ فعال ڪيا وڃن ته جيئن شهرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻجي سگهي پر ان تي اڃا تائين ڪو عمل ناهي ٿيو

وڪيل چيو ته گذريل ٻڌڻي تي لاڳاپيل عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي طلب ڪيو هو پر ٻئي عملدار پيش ناهن ٿيا جنهن تي عدالت ايڊوووڪيٽ جنرل سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته چيف سيڪريٽري ڇو پيش ناهي ٿيو

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي آگاهي ڏني ته چيف سيڪريٽري سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مصروف هو ان ڪري پيش ناهي ٿيو

عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته چيف سيڪريٽري عدالتي حڪم کي ڇو نظرانداز ڪري رهيو آهي، اوهان کيس فون ڪيو، فون ڪرڻ باوجود چيف سيڪريٽري سنڌ پيش نه ٿي سگهيو

عدالت حڪم ڏنو ته چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري انوائيرمينٽ سڀاڻي هر صورت ۾ پيش ٿي پاڻي فراهمي جي نئين مڪينزم بابت عدالت کي تفصيلي رپورٽ فراهم ڪن

Leave A Comment