شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، جيڪا هميشه علم، ادب ۽ پيار جي خوشبو سان مهڪندي رهي آهي، اڄ هڪ اهڙي شخصيت جي رٽائرمينٽ جي الوداعي گهڙي ڏسي رهي آهي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي علم جي ڏيئي کي روشن رکيو.
پروفيسر مڪيش ڪمار منڌاڻ
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جو بھترين استاد آھي. شعبي جي اڱڻ ۾ عجيب خاموشي ڇانيل آھي. اڄ سائين مڪيش ڪمار جو يونيورسٽي ۾ آخري ڏينهن آھي۔ جيتوڻيڪ سٺ سالن جي عمر تائين پهچڻ ۾ اڃان ڪجهه سال باقي آھن، پر هن پنهنجي ذاتي فيصلي تحت اڳواٽ رٽائرمينٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو۔ هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو پنهنجن ٻچن کان پري گذاريو، ۽ هاڻي هو پنهنجي باقي زندگي انهن سان گڏ ڀارت ۾ گذارڻ چاهي ٿو۔ هو صرف استاد نه، پر دلين جو مهربان ساٿي رهيو آهي۔ هو هر ماڻهوءَ سان عزت، محبت ۽ پنهنجائپ سان پيش ايندو رهيو آھي سائين مڪيش ڪمار منڌاڻ پنهنجي سڄي زندگي علم سان گڏ اخلاق، سادگي ۽ محبت کي ساڻ کڻي هليو۔ سندن شخصيت ۾ سادگي، نفاست ۽ وقار جو حسين ميلاپ نظر اچي ٿو۔
شيخ اياز چيو:
“تون خوشبوءَ وانگر هر هنڌ پکڙيل آهين،
تنهنجي ياد هر دل ۾ رهجي وڃي ٿي۔”
پروفيسر مڪيش ڪمار منڌاڻ لڳ ڀڳ چار ڏهاڪن کان تدريس ۽ تربيت جي شعبي سان وابسته رهيو آهي۔ سندس عمر هن وقت 57 سال آهي، جڏهن ته هن لڳ ڀڳ 38 سال علم جي خدمت ۾ پورا ڪيا آهن۔ سندن خانداني پس منظر به سادگي ۽ محبت سان ڀرپور آهي۔ هن ميرن جي شهر خيرپور جي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ انگريزي ادب جو بھترين استاد جي حيثيت سان پنهنجو نالو روشن ڪيو۔ هن پنهنجي علم ۽ محنت سان هزارين شاگرد تيار ڪيا، جيڪي اڄ ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر مختلف شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن۔
پروفيسر مڪيش ڪمار منڌاڻ رڳو هڪ استاد نه، پر هڪ اهڙو روشن مينار آهي، جنهن جي روشنيءَ ۾ ڪيترن ئي ذهنن پنهنجي راهه ڳولي آهي۔ انگلش شعبي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي موجوده فيڪلٽي ۾ اڌ کان وڌيڪ استادن جو پڻ استاد رھيو آھي انھن استادن ۾ محمد ابراهيم کوکر، ڊاڪٽر حسن شيخ، عبدالرشيد سومرو، پارس نياز خاصخيلي ۽ مڱڻيجو صاحب جهڙا نالا نه صرف سندس علمي وارث آهن، پر دل سان کيس پنهنجو گرو مڃين ٿا۔ هو انگريزي ادب جو اهڙو ماهر استاد آهي، جنهن وٽ لفظن جو ذخيرو رڳو ڪتابن تائين محدود ناهي، پر فڪر، فهم ۽ احساس جي وسعتن تائين پکڙيل آهي۔ انگريزي ٻوليءَ تي سندس گرفت، عالمي ادب ۽ خاص ڪري آمريڪي ادب تي سندس ڄاڻ، کيس هڪ منفرد مقام عطا ڪيو آهي۔ سندس ليڪچر رڳو سبق نه هوندا هئا، پر ڄڻ ته علم جا درياهه وهندا هئا، جن مان هر شاگرد پنهنجي اڃ اُجاري ڇڏيندو هو۔ شعبي اندر جيڪڏهن ڪن به استادن وچ ۾ اڻبڻت پيدا ٿي، ته پروفيسر مڪيش ڪمار اهو پهريون شخص هوندو ، جيڪو خاموشي سان اڳتي وڌي، رٺل دلين کي ٻيهر محبت جي ڌاڳي ۾ ٻڌي ڇڏيندو هو۔
هو نهايت نفيس، نرم دل ۽ بردبار انسان آهي۔ سندس طبيعت ۾ اها مٺاس آهي، جيڪا ڪنهن کي به پنهنجو بڻائي ڇڏي۔ هن ڪڏهن به ڪنهن سان تلخي اختيار نه ڪئي، نه ئي ڪنهن جي دل ڏکائڻ کي پنهنجي مزاج جو حصو بڻايو۔ اهڙا ماڻهو وقت جي وهڪري ۾ گهٽ پيدا ٿيندا آهن، جيڪي علم سان گڏ اخلاق جو به اعليٰ مثال هجن۔
پروفيسر مڪيش ڪمار منڌڻ انڊرگريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سطح تي انگريزي ٻولي ۽ ادب پڙهايو۔ ان کان اڳ هن سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ مهران ماڊل اسڪول ۽ ڪاليج، پنو عاقل ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون۔ سندن خاص دلچسپي ڪلاسيڪل شاعري، ڊراما، مغربي ادب ۽ آمريڪي ادب ۾ رهي آهي۔ هو هميشه پاڻ کي نون علمي لاڙن سان هم آهنگ رکندو رهيو ۽ شاگردن لاءِ هڪ زنده ۽ متحرڪ تعليمي ماحول پيدا ڪيو۔سائين مڪيش ڪمار منڌاڻ پنهنجي علمي سفر جو ذڪر ڪندي وڏي عاجزيءَ سان هميشه پنهنجي استاد پروفيسر غلام حسين مڱڻهار جو نالو وڏي ادب سان وٺندو آهي۔ هو ھميشا چوندو آهي ته جيڪڏهن اڄ مان هن مقام تي بيٺل آهيان، ان پٺيان سائين غلام حسين مڱڻهار جي محنت، رهنمائي ۽ شفقت جو وڏو هٿ شامل آهي ـ سائين مڱڻهار رڳو مون کي پڙهايو ناهي، پر مون کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ زندگيءَ جي راهن تي هلڻ جو سليقو سيکاريو آهي۔
پروفيسر مڪيش ڪمار منڌاڻ سکر ضلعي جي تعلقي پنو عاقل ۾ سائين چترومل جي گهر ۾ پيدا ٿيو۔ ابتدائي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنو عاقل مان 1985ع ۾حاصل ڪيائين، جڏهن ته انٽرميڊيئيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گهوٽڪي مان پري انجنيئرنگ ۾ 1987ع ۾ مڪمل ڪئي جڏھن تـ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي کان 1990ع ۾ بيچلر ڪئي ۽ 1993ع انگريزي ادب ۾ ماسٽرز جي ڊگري فرسٽ ڪلاس سان ڪئي، ۽ قانون جي ڊگري پڻ ورتي۔ سائين مڪيش ڪمار پنھنجي والدين جي مرضي سان 1993 ۾ شادي ڪئي، جنھن مان ھڪ پٽ سڀاش ۽ ڌيء گيتا آھي، جيڪي انڊيا ۾ رھن ٿا.
سندن تدريسي سفر 18 فيبروري 1988ع تي مهران ماڊل اسڪول پنو عاقل کان شروع ٿيو۔ بعد ۾ سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ استاد رهيو ۽ پوءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ 1995ع تائين ليڪچرر طور خدمتون سرانجام ڏنيون۔ 2004ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي سان وابسته ٿيو۔ يونيورسٽي کان علاوه هن ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ پڻ پڙهايو، جن ۾ آڪسفورڊ انگلش ڪوچنگ سينٽر، رائزنگ ڪڊز، ايڊفورڊ اڪيڊمي سکر، سائٽيڪ ۽ دادا ڀائي انسٽيٽيوٽ سکر شامل آهن۔ هن خاص طور تي سي ايس ايس ۽ پي سي ايس امتحانن لاءِ شاگردن کي انگريزي گرامر ۽ ڪمپوزيشن جي تياري ڪرائي۔ پروفيسر مڪيش ڪمار منڌاڻ رڳو هڪ استاد نه، پر علم، اخلاق ۽ محبت جو روشن مثال آهن۔ هو شاھ عبداللطيف يونيونيورسٽي مان ته رخصت ٿي رهيو آهي، پر اسان جي دلين مان ڪڏهن به جدا نه ٿيندو۔