ڪراچي (شوبز بيوز) چيو پيو وڃي ته تيري بم ڊرامي کي يوٽيوب تي 3 ارب کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي ۽ هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته نجي ٽي وي رڳو يوٽيوب مان ڪيتري ڪمائي ڪئي آهي
ڊرامو آخري قسط جي ڪري ملڪ ۾ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آهي ڊرامي جي ڪاسٽ ۾ وهاج علي ۽ يمنيٰ زيدي مک ڪردارن ۾ آهن ۽ ٻي ڪاسٽ ۾ بشريٰ انصاري ۽ سبينا فاروق جا اهم ڪردار آهن
يوٽيوب تي هن ڊرامي جون هيل تائين 57 قسطون اپ لوڊ ٿيون آهن جن تي تقريبن 3 ارب ويوز آهن، رڳو ڊرامي جي گاني کي هيل تائين 55 ملين ڀيرا ڏٺو ويو آهي
ويوز جي حوالي سان هي ڊرامو خدا اور محبت کان به اڳتي نڪري ويو آهي. ڊرامو همسفر به رڳو هيل تائين 10 لک ويوز وٺي سگهيو آهي جڏهن ته زندگي گلزار هي جي في قسط تي 14 لک ويوز آهن
ميري پاس تم جي 23 قسطن ۾ في قسط تي 78 لک ويوز آهن. پري زاد جون 30 قسطون هيون جن جي في قسط تي 2 ڪروڙ 64 لک ويوز آهن. يوٽيوب تي ڪمائي اشتهارن ذريعي ٿيندي آهي ۽ هن ڊرامي جي سڀني قسطن کي وڏي پئماني تي ڏٺو ويو آهي ۽ هر وڊيو تي اشتهار نظر ايندا آهن، يعنيٰ جيترا اشتهار هوندا آهن اوتري ئي ڪمائي ٿيندي آهي
ان کانسواءِ ويوز به اهڙي شئي آهي جيڪا ڪمائي ڪرائي ٿي، ٻاهرين ملڪ ويوز ملن ته انهن جي ڪمائي وڌيڪ هوندي آهي ڇو ته اشتهارن جي ريٽ جو به فرق هوندو آهي ۽ ڪرنسي جو به فرق آهي
نجي ٽي وي هن ڊرامي مان يوٽيوب تي 36 لک ڊالر ڪمايا آهن جيڪي تقريبن هڪ ارب رپيا پاڪستاني ٿين ٿا