تير جو مقابلو رت پيئندڙ شينهن سان آهي، چونڊن ۾ اتحاد ٺاهيندڙن جو صفايو ڪنداسين: بلاول
جنوري 18, 2024
شھدادپور/ڪڙيو گهنور (نمائندن وٽان) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوري پاڪستان ۾ اليڪشن پ پ ۽ مسلم ليگ نواز وچ ۾ آهي، تير ۽ شينهن ۾ مقابلو آهي، هيءُ اهو شينهن آهي جيڪو عوام جو رت پيئي ٿو، تير سان شينهن جو شڪار ڪري رستا روڪ ڪنداسين، ناڪام ترين شخص چوٿون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ چاهي ٿو، جڏهن به ان شخص کي مڙهيو ويو عوام جو نقصان ٿيو آهي، اسان کي غريبن جو فڪر ۽ هن هُن کي ڪرسي جو فڪر آهي، هن چيو ته اسان هن کي چوٿون ڀيرو وزير اعظم بڻجڻ نه ڏينداسين، جنهن وٽ نه نظريو آهي، نه ئي منشور آهي، هن چيو ته پنجاب ۾ مسلم ليگ جو نشان شينهن آهي ته سنڌ ۾ تاري وارا ان جا سهولتڪار آهن، الائينس ٺاهيندڙ سياسي يتيمن جو 8 فيبروري تي صفايو ڪنداسين، بلاول چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي حيدرآباد جا ميئر پ پ جاچونڊيا ويا، مون کي ووٽ ڏئي وزيراعظم بڻائيندئو ته سنڌ جو چهرو تبديل ڪري ڇڏيندس، اسان جو 10 نقاطي معاشي ايجنڊا آهي عوام جي آمدن ۾ اضافو ڪنداسين، غريب مسڪين ماڻهن کي 3 سئو يونٽ مفت بجلي فراهم ڪندس، روٽي ڪپڙا مڪان جو واعدو پورو ڪنداسين، اسان انقلابي ڪم بينظير انڪم سپورٽ ڏنو، غريب عورتن کي بنا وياج تي قرض ڏينداسين جيئن هنر ڪري گهر هلائي سگهن، پ پ چيئرمين چيو ته هن ڀيري اسان هارين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هاري ڪارڊ ڏينداسين، مزدورن جي پريشانين کي ختم ڪرڻ لاءِ بينظير مزدور ڪارڊ ڏينداسين، بيروزگار نوجوانن لاءِ بينظير يوٿ ڪارڊ ڏينداسين، هڪ سال لاءِ کين مالي مدد ڏينداسين، جڏهن ته يوسي سطح تي بک مٽايو پروگرام شروع ڪنداسيين، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيو جي ڊي اي ۽ ن ليگ ن وارا چون ٿا ته پئسا ناهن ان لاءِ ارڙهين ترميم، اين ايف سي ختم ڪيو سنڌ جي وسائل تي ڌاڙو هڻو، مون کي خبر آهي ته پئسو به آهي وسيلا به آهن پر عوام تي خرچ نه ٿا ڪيا وڃن، واعد ڪريان ٿو ته اسلام آباد ۾ 17 وزارتون جيڪي ڪنهن ڪم جون ناهن جن کي ختم ڪري ساليانو 3 سئو ارب بچائي پاڪستاني عوام تي خرچ ڪندس، اشرافيه کي سبسڊي پهچائڻ لاءِ وفاق جي بجيٽ جي سالانه هڪ هزار پنج سئو ارب روپيه عوامي ٽئڪس جو پئسو ڏنو ويندو آهي، وزيراعظم ٿي اها سبسڊي ختم ڪري پورهيتن، هارين، نوجوانن، عورتن، غريب عوام تي خرچ ڪندس. اسان اسلام آباد کان پنهنجا حق کسي وٺنداسين بدين/کورواهه (نمائندن وٽان)شھيد عوام محمد فاضل راھو جي 37 ورسي راھوڪي ۾ ملھائي وئي ھزارين ماڻھن جي ورسي واري جلسي کي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شھيد فاضل جي مزار تي دعا گھرڻ خطاب ڪندي چيو ته منهنجي بدين ضلع ۾ اچڻ جو مقصد شھيد فاضل راھو کي ڀيٽا پيش ڪري اوھان تائين پيپلز پارٽي جو منشور پيش ڪريان ته اوھان حق ۽سچ جو ساٿ ڏيو جيئن پاڪستان سميت سنڌ ۾ اوهان جي حڪومت ٺهي سگهي ته ملڪ مان بيروزگاري ختم ڪري سگهجي، پي پي واحد جماعت آهي جيڪا ڪئمپن ڪري رهي آهي سڀني صوبن ۾ وڃي رهيو آهيان ۽ منهنجو منشور آهي جيڪڏھن موقعو ڏيندا ته 10 نقاطعي پروگرام کڻي نڪتو آهيان هڪڙو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ڇوٿون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ چاهي ٿو نه عوام وٽ ووٽ وٺڻ وڃي ٿو ۽ هو طاقت سان اچڻ چاهي هو عوام تي طاقت ڪرڻ چاهي ٿو جيڪي پاڪستان عوام کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، انهن جو فڪر ناهي آهي ته وزيراعظم ٿيڻ اسان کي فڪر مهانگائي پاڪستان جو فڪر آهي، اسان کي موقعو مليو ته اسان عوام. جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ تاريخ گواھ آهي ته جڏهن به وزير اعظم ٿيو آهي ته ملڪ ۽ سنڌ جو نقصان ڪيو آهي شير عوام جو رت چوسي ٿو پي پي جو مقابلو شير ۽ تير جو آهي ٻه پارٽيون پاڻ ۾ مقابلو ڪري رهيون آهن اسان جماعتن کي دعوت ڏيون ٿا، اچو گڏجي هن جو مقابلو ڪريو ۽ وزير اعظم کيس بنائڻ نه ڏينداسين هڪ به ٽي دفعا ناڪام ٿيو آهي، وري ڪهڙي خوشي ۾ چاهيون ته وزير اعظم ٿيندو هاڻي نواجوانن جي ضرورت آهي، جيڪي ملڪ کي مشڪل مان ڪڍي سگهن ٿا اوهان منهنجي منشور گهر پهچائي پاڪستان جي عوام کي پهچايو وڃي جيڪڏهن مون کي وزير اعظم بڻايو ويو ته 10نقاطي پروگرام تي عمل ڪرائيندس بلاول ڀٽو زرداري جو معاشي ترقي جو واعدو ڪيو آهي جيڪو ڏهونڙون ڪندس بلاول ڀٽو زرداري جو واعدو آهي ته 300مفت بجلي سولر ذريعي پهچائيندس پي پي روٽي مقان جو اعلان تي پورو هلنداسين ۽ 30لک پڪا گهر ڏينداسين غريبن کي ڏنا ويندا اگر 10لک گهر چاهيو ته پي پي کي ڪامياب ڪريو اسان غربت جو مقابلو ڪنداسين ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اضافو ڪنداسين ۽ بنا وياج قرض به ڏينداسين ۽ ته جيئن پيرن تي بيه سگهي