تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

تيزاب! … عبدالغني شر

نيلم پنهنجي ڳوٺ واري مڊل اسڪول ۾ اٺ ڪلاس پاس ڪيا ته هن جي والد بادل بي انتها پڙھائي سان پنهنجي سڪي لڌي ڌيءَ جو جنون جي حد تائين شوق ڏسي کيس شهر ڏانهن روانو ڪيو هو نيلم کي پنهنجي ماسي جي گهر ڇڏي آيو هو ،هتي به هن ساڳي تسلسل سان محنت ڪندي مئٽرڪ پاس ڪئي ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته نيلم وري به محنت سان پڙهندي رهي وقت گذرندي وير نه ڪئي انھي ڏينهن نيلم جي والد ماستر بادل جي خوشي حد نه هئي جڏهن ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ پاس ڪري ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، هن کي جڏهن به موڪل ملندي هئي ته هي ڳوٺ اچڻ کان بهتر پنهنجي ماسي جي گهر ۾ رهڻ پسند ڪندي هئي ڇاڪاڻ جو هُتي هن کي پڙھائي جو بهترين ماحول ميسر هو، تڏھن هي اڪثر اتي رهندي هئي ٻيا ته ماسي جي گهر جا ڀاتي پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ رڌُل هوندا هئا انهن مان هڪڙو فرد فضول نيلم جي ويجهو اچڻ جي ڪندو هو نيلم نه چاهيندي به ھن جون ڳالهيون ٻڌندي هئي ڪجهه دير بعد وساري وري پڙهائي طرف ڌيان ڏيندي هئي نيلم روز روز هن جي اهڙين ڳالهين کان بيزار ٿي پنهنجي ماسي کي دانهون ڏنيون! جنهن هن کي تمام گهڻو سمجهايو پر نيلم جڏهن به گهر ايندي هئي وري به هن جون ساڳيون ڳالهيون هونديون هيون نيٺ نيلم دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته هاڻي واپس ماسي جي گهر ڪڏهن به رهڻو ناهي جڏهن به موڪل ٿيندي ته آئون هاسٽل رهندس يا وري ڳوٺ هلي ويندس.
هو پنهنجو سڄو سامان سهيڙي رهي هئي ته وري هوءَ ساڳيو ڇوڪرو ساڳيا ئي ڊائلاگ چوڻ لڳو ته ”ماسات آئون تنهنجو ديوانو آهيان توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان“ نيلم جڏهن هِن جون فضول ڳالهيون ٻڌي ٿڪجي پئي تڏھن هن کي جلد ڪاوڙ اچي وئي هن زوردار چماٽ هن ڇڙواڳ ڇوڪري کي وهائي ڪڍي! تڏھن هوءَ ڇوڪرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو وڌيڪ ڪجهه ڳالهائڻ بدران هن جي ڪمري مان اٿي هليو ويو ڪجهه هفتن کان پوءِ جيئن ئي نيلم کي موڪل ٿي ته هو ڳوٺ وڃڻ لاءِ بس اسٽاپ وڃي بيٺي اُھو ڇوڪرو جيڪو اڳ ئي هن جي تلاش ۾ هو هن کي ڏسي ورتو ۽ ڪجهه دير ۾ اچي هن کان معافي وٺڻ لڳو نيلم وڏي دل ڪندي هن کي معاف ڪري ڇڏيو هن کي هوءَ چوڻ لڳو ماسات اڄ آخري ڀيرو ٻه گهڙيون ويھه آئون تنهنجي خدمت ڪريان هي وٺ جوس پي ڏس مون تو لاءِ آندو آهي نيلم وري خاموش نظرن سان نهارڻ لڳس پڪ ڏياريندي چوڻ لڳس هاڻي واعدو آهي توکي ڪڏهن به تنگ نه ڪندس ۽ جوس ۾ ڪجهه به ناهي آئون توسان گڏ جوس پيان ٿو نيلم دل ۾ خيال رکندي فوٽ پاٿ تي هن کان جوس وٺندي نقاب لاهي ڇڏيو جيئن ئي جوس پيئڻ لڳي، جيئن نيلم جُوس جو سرڪو ڀريو تيئن انهي ڇوڪري هن جي منهن تي تيزاب هاري ڇڏيو!
نيلم کي جڏهن هوش آيو ته هن پاڻ کي اسپتال ۾ ڏٺو ۽ پنهنجي والدين اکين مان لڙڪ هاريندي ڏٺو هو جيڪي بار بار هن کي دلداري ڏئي سمجهائي رهيا هئا هن ٻه ٽي ڀيرا پنهنجي چهري جي مٿان هٿ پئي لاٿا پر مائٽن ائين ڪرڻ کان روڪيو چوڻ لڳا ته پٽ تنهنجو ايڪسيڊنٽ ٿيو آھي چهري تي هٿ نه لاءِ زخم آهن! جيڪي تمام جلد ٺيڪ ٿي ويندا نيلم مائٽن جي سکڻين آٿتن کي سمجهي نه سگهي اٺن ڏهن ڏينهن جي علاج کانپوءِ گهر اچي آئيني ۾ پنهنجي تصوير ڏٺائين ته رڙ نڪري ويس اوڇنگارون ڏيڻ لڳي بار بار پنهنجي ماءُ کان پڇندي رهي منهنجي چهري کي ڇا ٿيو آهي!؟ ماءُ ڳوڙها اکين مان ڳاڙيندي چوڻ لڳي ته هڪ وحشي صفت انسان جي روپ ۾ حيوان جيڪو تنهنجو ماسات به ٿئي انهي تنهنجي چهري تي تيزاب هاري چڏيو هو! تنهن ڪري تنهنجا اهڙا حال ٿيا آهن هو ته ٻه ٽي سال رهي جيل مان آزاد ٿي ويندو پر تنهنجي چهري جي حسناڪي هميشه لاءِ ختم ٿي وئي! تڏھن نيلم جا سپنا ڀورا ڀور ٿي ويا پڙهائي به اڌ ۾ رهجي وئي اکين مان بي وسي جا ڳوڙها پل پل هن جي اکين مان ڪرندا رهندا هئا بس دل وندرائڻ خاطر پيءُ سان گڏ ڳوٺ واري اسڪول ۾ معصوم ٻارڙين کي پڙهائڻ لڳي ٻارڙن کي پڙهائڻ سان گڏ اها هدايتون ڏيندي رهي ٿي ته ٻارو پڙهائي طرف ڌيان ڏيو اڳتي پنهنجي تعليمي سفر۾ وک وک سنڀالي کڻجو ۽ مون وانگي ڪنهن وحشي درندي جو شڪار نه بڻجندا ”هن دنيا ۾ اهڙا گهڻا ئي ماڻھو آھن جيڪي چهري جا صاف شفاف پر اندر ۾ ڪينو حَسد سان ڀريل هوندا آھن! پر ڪي ڪي انسان مون وانگي نيت سوچ فڪر ۾ آزاد ۽ چهري جي حسنُ کان محرُوم آھن! اُھي صرف انهن چهري جي صاف شفاف ماڻھن جي بدنيتي ساڙ ڪارڻ ڪنهن جي روشن مستقبل تي ڪاري آنڌي جهڙي چاڌر بڻائي ڇڏيندا آھن“…!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *