تيز ترين بال: منهنجو رڪارڊ تسڪين احمد ٽوڙي سگهي ٿو: شعيب اختر

تيز ترين بال: منهنجو رڪارڊ تسڪين احمد ٽوڙي سگهي ٿو: شعيب اختر

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر بنگلاديش جي اڀرندڙ فاسٽ بالر تسڪين احمد جي کليل تعريف ڪندي خواهش ظاهر ڪئي آهي ته هو منهنجو تيز ترين بال جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي. هن 2003 جي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ خلاف 161.3 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بال ڪري رڪارڊ قائم ڪيو هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب اختر چيو ته توڙي جو مان ان کان اڳ بي پي ايل جو حصو ناهيان رهيو پر هن ليگ بابت هاڪاري ڳالهيون ٻڌيون آهن، بهرحال مون کي ليگ جو حصو بڻجڻ جو موقعو مليو، مان جيڪو ڪجهه به ڄاڻان ٿو اهو رانديگرن کي منتقل ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته مان چاهيان ٿو تسڪين احمد منهنجو تيز ترين بال جو رڪارڊ ٽوڙي، هو هن وقت بهترين فارم ۾ نظر اچي رهيو آهي، شارپ، فوڪسڊ ۽ پراعتماد نظر اچي رهيو آهي. شعيب اختر ناهيد رانا جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته هو به ان ئي جذبي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.