ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سامونڊي طوفان سبب سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلڪي برسات پئي آهي
مختلف علائقن ۾ تيز هوائون گهُلڻ لڳيون، رهواسين ۾ خوف پکڙيل آهي، ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، ڪيٽي بندر، جاتي ۾ برسات پئي
ميرپورساڪرو، چوهڙ جمالي سميت مختلف علائقن ۾ به وسڪارو، ڪوٽڙي، ميرپورساڪرو، گهارو، ٻيلو شهر ۽ ڀرپاسي به ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات جاري آهي
برسات ۽ تيز هوائن جي ڪري ساحلي پٽي جي رهواسين ۾ پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي