| تيسر ٽائون اسڪيم 45 لينڊ اسڪينڊل: اي سي، مختيارڪار ۽ رجسٽرار جو چالان پيش |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل عدالت ۾ تيسر ٽائون اسڪيم 45 جي سرڪاري زمين جي رڪارڊ ۾ مبينا طور جعلسازي، کاتن، ڦير فار، رشوت جي ڏي وٽ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر غلام حيدر چانڊيو، مختيارڪار حسين هڪڙو، رجسٽرار ڪوآپريٽو سوسائٽي يونس بلوچ، اسٽيٽ بينڪ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي اسڪيم 45 جو صدر عبدالله علوي، نصير ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت سمورن جوابدارن کي چالان ۽ الزامن جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي، جاچ آفيسر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدارن ملي ڀڳت سان تيسر ٽائون اسڪيم 45 ۾ سرڪاري زمين جي کاتن ۾ جعلسازي ڪئي، رشوت عيوض رڪارڊ ۾ تبديلي ڪئي، سرڪاري زميني تي غيرقانوني هائوسنگ سوسائٽي قائم ڪئي وئي، سرڪاري زمين تي جعلسازي ذريعي اسٽيٽ بينڪ ڪوآپريٽو سوسائٽي جي نالي منتقل ڪري پلاٽ وڪرو ڪيا ويا.