پوليس سياسي مخالفن جي ونگارو قرار، آءِ جي ڪيس ختم ڪري: تيغو
جُولاءِ 13, 2023
ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ايس ايچ او سوڌو 3 ڄڻن جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيڻ تي تيغو خان تيغاني جو ردعمل سامهون اچي ويو، ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو به ڪيو ويو
تيغو خان تيغاڻي چيو آهي ته منهنجي خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿو ڪريان
هن چيو ته مون سميت منهنجي خاندان مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري منهنجا سياسي مخالف مونکي سياست کان پري رکڻ چاهين ٿا
تيغو تيغاڻي چيو ته پوليس منهنجي سياسي مخالفن کي خوش ڪرڻ ۽ مونکي ڪنڌڪوٽ مان لڏائڻ خاطر سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي
هن چيو ته چيف جسٽس سنڌ سميت آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪريان ٿو ته منهنجي خلاف داخل ايف آءِ آر خارج ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي
هوڏانهن سردار تيغوخان تيغاڻي مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ سبزوئي برادري طرفان گھنٽا گھر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو