ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ايس ايس پي عرفان سمون چيو آهي ته تيغو خان تيغاڻي پنجاب فرار ٿي ويو آهي، تاريخ ۾پهريون ڀيرو پوليس ڪنهن سردار ۾ هٿ وڌا آهن
ٻئي طرف سردار تيغو خان تيغاڻي جو چوڻ آهي ته گذريل رات کان صبح دير تائين ڪنڌڪوٽ ۾ هيس، ايس ايس پي کي چيو ته گرفتار ڪرڻو آهي ته ڀلي شوق پورو ڪري
سندس چوڻ هو ته ايس ايس پي عرفان سمون صرف بيان بازي تائين محدود آهي، منهنجي خلاف سياسي مخالفت جي ڪري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي
هن ٻڌايو ته مون صبح به دوستن کي چيو ته ڪنهن ڪم سان پنجاب ويندس، وري به ڪنڌڪوٽ موٽي ايندس