تيل اگهن، لوڊشيڊنگ ۽ هاري مسئلن تي پ پ جي تنقيد، ن ليگ سان اتحاد مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

تيل اگهن، لوڊشيڊنگ ۽ هاري مسئلن تي پ پ جي تنقيد، ن ليگ سان اتحاد مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

لاهور (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ڪوآرڊينيش ڪميٽي جو گورنر هائوس لاهور ۾ گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ بنهي پارٽين اتحادي حڪومت کي مستحڪم رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پارٽين واضح پيغام ڏنو ته ملڪ جي استحڪام لاءِ اهو اتحاد عارضي نه پر دير تائين قائم رهندو. گورنر پنجاب جي ترجمان موجب پيپلز پارٽي طرفان اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، گورنر پنجاب سردار سليم حيدر خان، جنرل سيڪريٽري پيپلز پارٽي پنجاب حسن مرتضيٰ، قمرالزمان ڪائره ۽ علي قاسم گيلاني ۽ مسلم ليگ (ن) طرفان نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله، سينئر ايڊوائزر چيف منسٽر پنجاب انوشا رحمان، خواجه سعد رفيق ۽ سينئر صوبائي وزير پنجاب مريم اورنگزيب شرڪت ڪئي. آءِ جي پنجاب رائو عبدالڪريم ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پنجاب افتخار ساهو به موجود هئا. اجلاس گذريل گڏجاڻي ۾ طئي ٿيل گڏيل فيصلن تي عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ايندڙ اجلاس جلد گهرائڻ تي به اتفاق ڪيو. هوڏانهن مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي پنجاب ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ٻنهي پارٽين جي گڏيل اجلاس ۾ بلدياتي چونڊون، مهانگائي ۽ هارين جي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو، حسن مرتضيٰ عوامي معاملن تي (ن) ليگ مٿان سخت تنقيد ڪئي. اجلاس دوران جنرل سيڪريٽري پ پ پنجاب حسن مرتضيٰ ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار وچ ۾ سخت جملن جي به ڏي وٺ ٿي. بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي تي پيپلز پارٽي قيادت شديد رد عمل جو اظهار ڪيو. بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ هارين کي پيش ايندڙ مسئلن تي به پيپلز پارٽي نائب وزيراعظم  آڏو سخت احتجاج ڪيو.