| تيل اگهن ۾ روز واڌ جا اثر: ٽماٽا 228 سيڪڙو، بصر 95، اٽو 78 سيڪڙو مهانگا |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا، مهانگائي ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هڪ هفتي دوران پيٽرول، ڊيزل، اٽو، بصر ۽ ايل پي جي سميت 27 ضروري شين جون قيمتون وڌي ويون. شماريات کاتي جي هفتيوار مهانگائي رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران بصر جي قيمت ۾ 7.62 سيڪڙو، ڊيزل ۾ 4.17 سيڪڙو، انڊن جي قيمت ۾ 3.16 سيڪڙو، پيٽرول ۾ 2.46 سيڪڙو، اٽي ۾ 2 سيڪڙو، پٽاٽن ۾ 1.93 سيڪڙو ۽ ايل پي جي ۾ 1.90 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. سالياني بنياد تي ٽماٽر 228.71 سيڪڙو، بصر 95.36 سيڪڙو، اٽو 78.65 سيڪڙو، ايل پي جي 51.76 سيڪڙو، ڊيزل 37.42 سيڪڙو ۽ پيٽرول 23.28 سيڪڙو مهانگا ٿيا. مجموعي مهانگائي جي شرح ۾ هفتيوار بنياد تي سراسري طور 0.91 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سالياني بنياد تي مهانگائي جي شرح 9.05 سيڪڙو جي سطح تي برقرار رهي. هڪ هفتي دوران 27 ضروري شين جون قيمتون وڌيون، 6 شين جون قيمتون گهٽيون، جڏهن ته 18 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.