تيل اگهن ۾ واڌ جو اثر، هفتي دوران 22 شيون مهانگيون، ٽماٽا ڪلو تي 100 رپيا اضافو

تيل اگهن ۾ واڌ جو اثر، هفتي دوران 22 شيون مهانگيون، ٽماٽا ڪلو تي 100 رپيا اضافو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ 0.91 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. وفاقي اداري شماريات جي هفتيوار رپورٽ موجب سالياني بنيادن تي هفتيوار مهانگائي جي شرح 9.66 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. اداري شماريات موجب هڪ هفتي دوران 22 ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، 8 شين جون قيمتون گهٽيون ۽ 21 شين جي جي قيمت برقرار رهي. هڪ هفتي دوران ٽماٽن جي قيمت ۾ 100 رپيا في ڪلو واڌ ٿي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل 51 رپيا 58 پئسا، انڊا 17 رپيا 53 پئسا في درجن ۽ پيٽرول 16 رپيا 36 پئسا في لٽر مهانگو ٿيو. اداري شماريات موجب پٽاٽا 2 رپيا، ايل پي جي سلنڊر 40 رپيا 69 پئسا مهانگو ٿيو، ڪڻڪ، تازو کير، ڏهي، بصر، پائوڊر وارو کير ۽ ٿوم پڻ مهانگي ٿيندڙ شين ۾ شامل آهن. هڪ هفتي دوران ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت ۾ 18 رپيا في ڪلو ۽ ڪيلا تقريبن 4 رپيا في درجن گهٽ ٿيا. دال مڱ 4 رپيا، دال ماش 5 رپيا ۽ دال مسور هڪ رپيو سستي ٿي، دال چڻا، کنڊ ۽ چانور به سستا ٿيندڙ شين ۾ شامل رهيا.