| تيل اگهن ۾ واڌ خلاف وڪيل به نڪري پيا، ڌرڻا، عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، ڪمون شهيد وٽان پنجاب ويندڙ دنگ بلاڪ |
ڪراچي(نمائندن وٽان) تيل اگهن ۾ واڌ خلاف وڪيل اڳواڻ به جدوجهد ۾ شامل ٿي ويا، مختلف شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويا، عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ پڻ ڪيو ويو. ڪمون شهيد وٽان روڊ بلاڪ ڪري پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بلاڪ ڪري ڇڏيو، آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي وفاقي حڪومت کي پئٽروليم شين جا اگهه گهٽائڻ لاءِ 72 ڪلاڪن جو الٽيمئٽم ڏئي ڇڏيو، اڄ حيدرآباد ۾ مارچ ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو، وڪيل اڳواڻ اسرار چانگ چيو آهي ته 72 ڪلاڪن اندر پئٽروليم شين جا اگهه نه گهٽايا ويا ته ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويندو، ڪراچي، ٺٽو، ڪشمور، نوشهرو فيروز، راڻيپور ۽ گمبٽ ۾ وڪيلن پاران ڌرڻا هنيا ويا، ڪمون شهيد نيشنل هاءِ وي تي وڪيلن جي ڌرڻي سبب سنڌ ۽ پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، غوثپور، ميهڙ، مٺياڻي، وڳڻ، جهڏو ۽ ڪنڊيارو ۾ به مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن چيو آهي ته تيل اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺڻ تائين احتجاج جاري رهندو، ڪراچي ۾ شهرين جو گڏهه گاڏن ۽ ٽانگن تي چڙهي احتجاج، حڪومت خلاف نعرا، اڳواڻن چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسين گڏهه گاڏن ۽ ٽانگن جي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، پئٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ خلاف جي يو آءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اڄ پشاور ۾ مرڪزي مجلس شوريٰ جو اجلاس ٿيو، پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ عام ماڻهو کان سڪون کسي ورتو آهي، پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ خلاف جمعي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويند.وشيخ ڀرڪيو ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي واڌو اگهن خلاف پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن جو گلاب لغاري شيخ ڀرڪيو روڊ تي ٽائرن کي باھ ڏي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، تلھار واسي روڊن تي نڪري وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ، حيدرآباد بدين هائي وي بند ، ٽريفڪ معطل ، جمعيت علماء اسلام جي سڏ تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ واري فيصلي خلاف شھرين،هارين زميندارن ۽ پورھيت طبقي پاران شھر جي بڙ چوڪ کان احتجاجي ريلي شهر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي حيدرآباد بدين بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو ، ميهڙ ۾ پيٽرول ، ڊيزل جي اگھن ۾ واڌ ، ايران مٿان اسرائيل ۽ آمريڪا جي ٿيندڙ ظلم بربريت خلاف عوامي تحريڪ پاران ٻيٽو چوڪ کان گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽريءَ وڪيل ساجد حسين مھيسر ، سنڌي ھاري تحريڪ مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو ، وڪيل نجيب مھيسر ، وڪيل داد محمد مگسي ، وڪيل ساجد چانڊيو ، ذولفقار چانڊيو ، وڪيل منصور چانڊيو ، سڌير چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻيٽو چوڪ کان گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، پ پ پ شھيد ڀُٽو ضلعي ٺٽي پاران وڌندڙ مھنگائي توڙي شھيد مير مرتضي ڀٽو جي ساٿي مرڪزي اڳواڻ منير بروھي تي ڪراچي پوليس پاران ڪيس داخل ڪري سندن گھرن تي پوليس پاران چڙھايون ڪرڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب ٺٽو آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ تازو واڌ خلاف سجاول ۾ وڪيل برادري پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ احتجاج ڪيو ويو،