| تيل اگهن ۾ واڌ نامنظور: ايوان کان روڊن تائين هنگاما، توا کڻي مظاهرا، ڌرڻا: پتلن کي باهيون، چور ڌاڙيل حڪمران جا نعرا |
اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان) پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ تي عوام ۾ شديد ڪاوڙ، ايوانن کان روڊن تائين هنگاما، توا کڻي مظاهرا، حڪمرانن جي پتلن کي باهيون، ڊرائيورن گاڏيون بيهاري روڊ بند ڪيا، چور ۽ ڌاڙيل حڪمران جا نعرا، جنگ بهاني وڌايل تيل قيمتون واپس وٺڻ جو مطالبو. تفصيل موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ خلاف لاڙڪاڻي ۾ ايس يو پي طرفان روشن ٻرڙو، امير آزاد پنهور، ڊاڪٽر مظهر مغل، محمود ڀٽو، شيبا مغل، جماعت اسلامي طرفان ضلعي امير ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو، رميز راجا شيخ، غلام عباس ڏاهاڻي، رياض علي مشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، نصيرآباد ۾ جماعت اسلامي طرفان ارباب علي ڀٽي، ابو بڪر ڪانڌڙو، امتياز تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وارهه ۾ مختلف تنظيمن ۽ رهواسين طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مظاهرين کي هٿن ۾ توا هئا جن تي حڪمرانن خلاف نعرا لکلي هئا، احتجاجن جي اڳواڻي اصغر ميراسي، سرويچ چانڊيو، سراج گاڏهي، نياز حيدري، عارف تنيو، اصغر ڇٽو، صدام چولياڻي، نذير بروهي، پنهل عباسي، حڪيم ٻگهيو، غلام مصطفيٰ بروهي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. قمبر ۾ چنگچي رڪشا ڊرائيورن رڪشا بيهاري رياض چانڊيو، ظھير کوسو،عرفان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ، سکر، فيض گنج، ڳيريلو، رتوديرو، جيڪب آباد، گمبٽ ۾ به ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. تلھار ۾ هارين، آبادگارن، ڊرائيورن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ميرپوربٺورو ۾ ڌرڻو هنيو ويو، غلام شاهه موري ۾ صدام حسن ڇلگري، ابو بڪر ڇانڊيو، امتياز ڇانڊيو، کورواهه ۾ حافظ عباس علي شاھ، پيارو لاشاري، قاضي ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، جهوڪ، گلاب لغاري، ڪڙيو گهنور، فريدآباد، ٽنڊوباگو، شيخ ڀرڪيو، ماتلي، ميرپورساڪرو، ٻهارا، ڳاڙهو، ٺٽو، ڪي اين شاهه، حيدرآباد، سيوهڻ، دادو، راڄوخاناڻي، ٿرڙي محبت، بدين، کيبر، سجاول، ڪوٽڙي، ميرپورخاص، ڊگهڙي، ڪنري، جهڏو، ٽالهي، ٽنڊومحمدخان، کاڻوٺ، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ، ايس يو پي، جماعت اسلامي سوڌو مختلف سياسي، سماجي ۽ وڪيل تنظمين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، حڪمرانن جي پتلن کي باهيون ڏنيون ويون، مظاهرين تيل اگهن ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اپوزيشن پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي واڌ خلاف سخت احتجاج، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، ”چور حڪمران، ڌاڙيل” جي نعريبازي، اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪيو ويو. ڊپٽي اسپيڪر کي اجلاس بنا ڪنهن ڪارروائي جي سومر جي منجهند تائين ملتوي ڪرڻو پيو، جنهن سبب 90 نڪاتي ايجنڊا تي ڪارروائي نه ٿي سگهي. اپوزيشن ميمبر جنيد اڪبر خان چيو ته 8 فيبروري تي مڙهيل حڪمرانن رات جي اونڌاهيءَ ۾ عوام تي پيٽرول بم اڇلائي ڇڏيو. قومي اسيمبلي اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، هن ايجنڊا موجب سوالن واري وقفي تي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اپوزيشن ميمبر پنهنجي سيٽن تان اٿي بيٺا ۽ حڪومت خلاف پيٽروليم شين ۾ غيرمعمولي واڌ تي ڳالهائڻ جي اجازت گهري. ڊپٽي اسپيڪر اجازت نه ڏني ته اپوزيشن ڊيسڪ وڄائيندي نعرا هڻڻ شروع ڪيا. اپوزيشن ميمبر پلي ڪارڊ کڻي بيٺل هئا ۽ “پيٽرول، ڊيزل جي اگهن ۾ اضافو نامنظور، چور حڪمران نامنظور، ڌاڙيل حڪمران نامنظور” جي نعريبازي ڪئي وئي. اپوزيشن ميمبر بار بار ڊپٽي اسپيڪر کان مطالبو ڪندا رهيا ته کين پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ خلاف ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، پر اجازت نه ملي، اپوزيشن ميمبرن جميعت علماءِ اسلام ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪيو. سخت نعريبازي ڪئي. اپوزيشن ميمبر نور عالم خان ڊپٽي اسپيڪر کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي، جيڪا عوام جي ڳالهه ڪري ٿي، پر اڄ اوهان به ملڪ جي تاريخ جي وڏي پيٽروليم واڌ خلاف ڳالهائڻ نٿا ڏيو، سخت احتجاج کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر سوالن جي وقفي کان اڳ هڪ اپوزيشن ميمبر جنيد اڪبر خان کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني ۽ چيو ته ٻيا ميمبر پنهنجا نالا لکرائن، انهن کي پوءِ ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو. جنيد اڪبر خان چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن کان پوءِ مڙهيل حڪومت رات جي اونڌاهيءَ ۾ عوام تي پيٽرول بم اڇلايو آهي، جڏهن حڪمران مڙهيا ويندا ته نتيجو به اهڙو ئي نڪرندو. هن حڪومت کي چور ۽ ڌاڙيل قرار ڏيندي چيو ته حڪومت ٻڌائي ته هاڻي عوام ڪيئن جيئندو؟. جنيد اڪبر خان جڏهن هڪ قومي اداري تي تنقيد شروع ڪئي ته ڊپٽي اسپيڪر سندس مائڪ بند ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هتي ادارن خلاف ڳالهائڻ جي اجازت نه آهي. ڊپٽي اسپيڪر اجلاس سومر جي منجهند پنجين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اُن جي وڃڻ کان پوءِ اپوزيشن ميمبر اسپيڪر ڊائس اڳيان اچي پنهنجي اسيمبلي لڳائي ۽ جنيد اڪبر خان پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ خلاف تقرير ڪئي، جڏهن ته ان دوران اپوزيشن ميمبر حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي.