تيل اگهه جنگ کان اڳ واري سطح تي ڇو نه آندا ويا؟ اپوزيشن اتحاد

تيل اگهه جنگ کان اڳ واري سطح تي ڇو نه آندا ويا؟ اپوزيشن اتحاد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون جنگ کان اڳ واري سطح تي واپس اچي ويون آهن، پر پاڪستان حڪومت اڃا تائين پيٽرول جون قيمتون ان سطح تي ناهن آنديون، جنهن سطح تي جنگ کان اڳ وڪرو ڪيو ويندو هو. پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون جنگ کان اڳ واري سطح تي ڇو ناهن آنديون ويون، ان بابت حڪومت طرفان ڪا به وضاحت سامهون ناهي آئي. پڌرائي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان چيو آهي ته فارم 47 واري حڪومت جي حمايت ۽ ملي ڀڳت سان ڪجهه مافيا ناجائز منافعو ڪمائي رهيا آهن، جنهن کان سواءِ قيمتون برقرار رکڻ جو ٻيو ڪو به جواز موجود ناهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون فوري طور تي مقرر ڪري انهن کي جنگ کان اڳ واري سطح تي آندو وڃي.