| تيل اگهه وڌائي عوام کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي: قادر مگسي |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازو اضافو صرف هڪ معاشي فيصلو ناهي، پر اهو عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ ۽ انهن کان سندن وات جو گرهه کسي، سندن جيئڻ جا رستا بند ڪرڻ جي برابر آهي. جاري بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي سبب عوام سخت تڪليفن ۾ ورتل آهي. اهڙي صورتحال ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ هر شيءِ کي وڌيڪ مهانگو ڪندي، ۽ ان جو سمورو بار غريب ۽ وچولي طبقي تي پوندو.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حڪمرانن کي عوام جي ڪا به فڪر ناهي. عوام مٿان مهانگائي جا نوان طوفان مسلط ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته حڪمرانن جي شاهاڻن خرچن، پروٽوڪول، مراعاتن ۽ عياشين ۾ ڪا به گهٽتائي نٿي آندي وڃي. جيڪڏهن ملڪ معاشي بحران ۾ آهي، ته پوءِ ان جو بار صرف عام ماڻهو ڇو ڀوڳي؟