ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان تيل جي قيمتن ۾ واڌ خلاف 7 آگسٽ تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته خطي جي سمورن ملڪن کان پاڪستان ۾ پيٽرول مهانگو آهي، قيمتون روزاني بنياد تي وڌائڻ جو سلسلو جاري آهي پر لاٿ رڳو ڪجهه پئسا ڪيا وڃن ٿا، تيل جي اگهن ۾ واڌ سان هر شي جون قيمتون وڌي ويون آهن، وفاقي حڪومت سمورو بار عام ماڻهو تي وجهي ڇڏيو آهي، عوام کي متحد ڪري 7 آگسٽ تي ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو. ھن چيو ته وفاقي گھرو وزير محسن نقوي جو بيان ناڪاميءَ جو اعتراف آهي. اوهان پنهنجي اصلاح ڪريو، جيڪو کٽي ٿو ان کي کٽڻ ڏيو. ھر ڪجهه ڏينهن بعد حالتون خراب ٿين ته اهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. ماڻهن کي ويڙهائڻ جي سياست ڪئي پئي وڃي. پنجاب ۾ مڪاني چونڊون نٿيون ڪرايون وڃن. سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون چار ڀيرا ملتوي ٿيڻ بعد ٿيون. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ نورا ڪشتي هلي رهي آهي. بلاول ڀٽو فارم 47 جي ڳالهه ڪري ٿو، هو پاڻ به فارم 47 جي پيداوار آهي. اسٽيبلشمينٽ جي درٻار ۾ حاضري ڏيندڙ اڄ حڪومت ۾ ويٺل آهن.