تيل اگھن ۾ وڏي لاٿ: پيٽرول 14 رپيا في ليٽر سستو
ڊسمبر 16, 2023
اسلام آباد (م ڊ) حڪومت تيل اگھن ۾ 14 رپين تائين لاٿ ڪري ڇڏي آهي
ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت پيٽرول جي اگھه ۾ في ليٽر 14 رپيا لاٿ ڪري ڇڏي آهي
نگران زويراعظم تيل اگهن ۾ لاٿ جي منظوري ڏني آهي. جنهن تحت پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي ۽ ڊيزل 13 رپيا 50 پيسا في ليٽر سستو ٿي ويو آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته لائيٽ ڊيزل 11 رپيا 29 پيسا، جڏهن ته گاسليٽ 10 رپيا في ليٽر سستو ٿي ويو آهي. تيل اگھن ۾ لاٿ کان پوءِ نوان اگھه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي چڪا آهن.