تيل اگھن ۾ 30 رپين تائين لاٿ جو اعلان، پيٽرول 12 رپيا سستو

مَي 16, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽر) حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 12 رپيا في ليٽر لاٿ ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 270 رپيا ٿي وئي آهي. هوڏانهن هاءِ اسپيڊ ڊيز ل30 رپيا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو في ليٽر 288 رپين مان گھٽجي 258 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي. هوڏانهن گاسليٽ جي قيمت ۾ به 12 في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 176 رپين مان گھٽجي 164 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. ان کان سواءِ لائيٽ ڊيزل 12 رپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويوآهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب