| تيل بحران روڪڻ لاءِ ڪورونا جهڙي رٿابندي: هر هفتي اگهه طئي ڪرڻ جي منظوري: گهران ڪم ۽ ورچوئل تعليم بابت سفارشون طلب |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪورونا وبا دوران اختيار ڪيل حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ جو پلان ٺاهي ورتو، هر هفتي فيصلو ڪيو ويندو ته پيٽرول، ڊيزل ۽ فرنيس آئل سستا ٿيندا يا مهانگا ؟، حتمي منظوري وفاقي ڪابينا پاران ڏني ويندي، وزيراعظم شهباز شريف توانائي بچت جي حوالي سان تجويزون منظور ڪري ورتيون،آفيسن لاءِ ورڪ فرام هوم ۽ آن لائين جون سفارشون سومر تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، تعليمي سيشن به ورچوئل ڪرڻ بابت سفارشون سومر تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي پيٽروليم وزارت موجب ملڪ ۾ پيٽرول، ڊيزل ۽ فرنيس آئل وافر مقدار ۾ موجود آهن، وزيراعظم چيو ته جيڪو پيٽروليم شيون ذخيرو ڪري اُن کي پڪڙ ۾ آندو وڃي، جيڪو پيٽرول پمپ هٿرادو کوٽ ۾ ملوث هجي، اُن کي سيل ڪريو، پيٽروليم وزير کي صوبائي حڪومتن سان مِلي پيٽروليم شين جي بچت بابت لائحه عمل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. وزيراعظم پيٽروليم وزير کي صوبن جا دورا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پيٽروليم شين جي چر پر بابت ڊيش بورڊ ٺاهيو وڃي ته جيئن صوبن سان ڊيٽا شيئر ڪئي وڃي ۽ پئٽروليم شين جي چر پر جي نگراني ڪري سگهجي. ذريعن موجب سرڪاري اجلاس ورچوئل طريقي سان منعقد ڪيا ويندا ۽ پهرئين مرحلي ۾ ڪووڊ 19 وبا دوران اختيار ڪيل طريقيڪار واري طرز تي موڪلن جو انگ وڌايو ويندو. حڪومت ان حوالي سان پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين مرحلي تي ٻڌل حڪمت عملي تيار ڪئي آهي ۽ لڳ ڀڳ ٽي کان چار درجن تجويزون ترتيب ڏنيون ويون آهن.
اسلام آباد: پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل ڳالهين دوران آءِ ايم ايف پيٽرول ۽ ڊيزل فوري مهانگو ڪرڻ ۽ ڪنهن به قسم جي سبسڊي نه ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.. جولاءِ کان ڊسمبر تائين ڇهن مهينن دوران پيٽروليم ڊويلپمينٽ ليوي ۾ 822 ارب رپيا جمع ٿي آهي.جيڪا مقرر ڪيل 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ 30 جون تائين 1468 ارب رپين جي ليوي جو ٽارگيٽ متاثر نه ٿيو. ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ توانائي بچت تي پڻ ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ پهرين مرحلي ۾ اسڪول ۽ ڪاليجن کي آن لائن ڪلاسز تي منتقل ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ يونيورسٽيون ۽ سرڪاري آفيسون سمارٽ ورڪنگ تي منتقل ڪيون وينديون. دڪان، مارڪيٽون کولڻ ۽ بند ٿيڻ جا وقت مقرر ڪرڻ، گروسري ۽ ريسٽورنٽس لاءِ ڊليوري سروس اختيار ڪرڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون آهن. ان سان گڏ هڪ جامع عملدرآمدي منصوبو پڻ تيار ڪيو ويندو.