تيل بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽاسڪ پيٽروليم وزير حوالي: لاڳاپيل ادارن کي تيار رهڻ جي هدايت

تيل بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽاسڪ پيٽروليم وزير حوالي: لاڳاپيل ادارن کي تيار رهڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ خطي جي موجوده صورتحال جي پيش نظر توانائي جي بچت ۽ ڪفايت شعاري قدمن بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس کي بچت ۽ ڪفايت شعاري قدمن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته انٽيليجنس بيورو سمورن قدمن تي عملدرآمد جي نگراني ڪندي. ملڪ ۾ پيٽروليم شين جو ضرورت مطابق مناسب ذخيرو موجود آهي. سموري صورتحال جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ پيٽروليم شين جو رڪارڊ رکيو پيو وڃي ته جيئن ڪنهن به بيقاعدگي جي فوري نشاندهي ٿي سگهي، سمورن ڪابينا ميمبرن رضاڪاراڻي طور پگهارون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سرڪاري ادارن ۾ تيل جي بچت جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، جنهن سان عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي۔ ملڪ ۾ دوائن جو به مناسب ذخيرو موجود آهي، ورڪ فرام هوم لاءِ سرڪاري اي آفيس سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وزارت آءِ ٽي پاران خاص ڪنيڪٽيوٽي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن۔ وزيراعظم شهباز شريف سپلائي چين کي بهتر بڻائڻ لاءِ وزير پيٽروليم وڌيڪ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ، حالتن جي بهتري تائين سمورا لاڳاپيل ادارن هنگامي قدمن لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ناڻي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وزير احد خان چيمه، وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ، وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ، وزير موسمياتي تبديلي ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزير آءِ ٽي شزا فاطمه، ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظہر ڪياني سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.