تيل تي حملا روڪيو: سعودي ايران خلاف ڪارروائي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

تيل تي حملا روڪيو: سعودي ايران خلاف ڪارروائي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

رياض (م ڊ) سعودي عرب پهريون ڀيرو ايران کي جوابي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. رپورٽ موجب سعودي عرب ايران کي خبردار ڪيو آهي ته اهو تهران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار جي سفارتي حل جو حمايتي آهي، جيڪڏهن ملڪ يا انهي جي توانائي وارن ٺڪاڻن تي حملا جاري رهيا ته رياض جوابي ڪارروائي جو حق رکي ٿو. ذريعن ٻڌايو ته عرب ملڪن ايران تي حملن جي لاءِ آمريڪا کي فضائي حدون استعمال ڪرڻ نه ڏنيون پر جيڪڏهن حملا جاري رهيا ته سعودي عرب آمريڪي فوج کي اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿو.