تيل جي اگهن ۾ 10 کان11 رپيا گهٽتائي جو امڪان

تيل جي اگهن ۾ 10 کان11 رپيا گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾  16 ڊسمبر کان 11.85 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو ابتدائي خاڪو تيار ڪيو ويو آهي پيٽرول 36 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل 11.85 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي. گاسليٽ 11.70 رپيا في ليٽر ۽ لائٽ ڊيزل 10.1 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 263.9 رپيا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 270.80 رپيا، گاسليٽ جي قيمت 181.16 رپيا في ليٽر، لائٽ ڊيزل جي نئين قيمت 153.76 رپيا في ليٽر هوندي. اوگرا 15 ڊسمبر تي پيٽروليم شين جي قيمتن تي ورڪنگ پيپر موڪليندو. وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ پيٽروليم ڊويزن نئين قيمتن جو اعلان ڪندو.