تيل جي مالڪ ايران ۾ به توانائي بحران، بجلي بچائڻ جي هدايت

تيل جي مالڪ ايران ۾ به توانائي بحران، بجلي بچائڻ جي هدايت

تهران (م ڊ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان عوام تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي بجلي جي استعمال کي محدود ڪن. هي اپيل ان وقت آئي آهي جڏهن آمريڪا ايراني بندرگاهن جي بحري ناڪابندي ڪئي آهي.  هن چيو ته دشمن اسان جي سهولتن کي تباهه ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي گهيرو ڪري رهيا آهن ته جيئن ماڻهن ۾ عدم اطمينان پيدا ٿئي. هن وڌيڪ چيوته هڪ گهر ۾ 10 جي بدران ٻه بتيون روشن ڪرڻ ۾ ڪهڙي غلطي آهي؟ ايران جي سرڪاري نشريات پاران ٽيليگرام تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾، ايراني بجلي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر توانير پڻ ايرانين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي بجلي جي استعمال جي نگراني ڪن.