| تيل ذخيرن تي حملا خطرناڪ آهن: فرانسيسي صدر |
پيرس (م ڊ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون وچ اوڀر ۾ تيل ذخيرن تي اسرائيلي ۽ ايراني حملن کي خطرناڪ قرار ڏنو آھي ۽ چيو آھي تھ تڪرار سبب سڄي علائقي ۾ هائيڊرو ڪاربن پيداوار جي جڳهن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ خطرناڪ نئين مرحلي جي نشاندهي ڪري ٿو. نار ملڪن ۾ پهريون ڀيرو پيداواري اڏن تي حملو ڪيو ويو آهي، ساڳي طرح جيئن ايران ۾ حملو ڪيو ويو هو. ميڪرون وڌيڪ تڪرار کي روڪڻ ۽ علائقي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ “سڌين” ڳالهين جو مطالبو ڪيو.