| تيل سستو ڪريو: 7 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ هاءِ وي بند ڪرڻ جو اعلان |
لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ خلاف 7 آگسٽ تي ملڪ گير احتجاج ۾ سڀئي اهم هاءِ وي ۽ روڊ بلاڪ ڪيا ويندا. احتجاج جي حوالي سان حافظ نعيم الرحمان جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي حافظ نعيم چيو ته 7 آگسٽ تي ملڪ گير اهم هاءِ ويز تي احتجاج ٿيندا ۽ رستا بلاڪ ڪيا ويندا. لکين ماڻهو پنهنجن گهرن مان نڪرن، نوجوانن کي موٽر سائيڪلن سان روڊ بلاڪ ڪرڻ گهرجن. جماعت اسلامي جي امير چيو ته احتجاج دوران صرف ايمبولينس کي رستو ڏنو ويندو. هن دعويٰ ڪئي ته اسان جو احتجاج تاريخي هوندو، جنهن ۾ حڪمرانن کي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي جي پرامن ۽ جمهوري جدوجهد ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي، حڪومت کي فوري طور تي پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ آءِ پي پيز جي معاهدن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. حافظ نعيم هدايت ڪئي ته احتجاج کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ملڪ ۾ 20 هزار ڪارنر ميٽنگون ڪيون وينديون، جڏهن ته هن اپيل ڪئي ته واپاري، وڪيل، شاگرد ۽ مزدور سميت سڀني طبقن جا ماڻهو احتجاج ۾ شامل ٿين.