| “تيل مهانگو” لاڙڪاڻي ۾ ڊرائيورن جو ڌرڻو: پورهيت طرفان پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش: گرفتاريون |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ چنگچي ڊرائيورن پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو، پورهيتن جو روڊ بلاڪ ڪري ٽائر ساڙي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو، هڪ پورهيت طرفان پاڻ کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، چنگچي ڊرائيورن جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا، پوليس پورهيتن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ سندن مٿان ڪڙڪي ڪجهه گرفتاريون ڪيون، جنهن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي چنگچي ڊرائيورن پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي شهر جي جناع چوڪ تي چنگچيون بيهاري ٽائرن کي باهيون ڏئي ٽن ڪلاڪن تائين مسلسل روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي دوران هڪ چنگچي ڊرائيور پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي موجود چنگچي ڊرائيورن کيس بچائي ورتو. ڌرڻي دوران ڪيترائي چنگچي ڊرائيورن جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا. ان موقعي تي احتجاج ڪندي چنگچي ڊرائيورن اقرار ڪولاچي، راجا کوسو، اظهر ٽڳڙ ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي جن ملڪن وچ ۾ جنگ آهي تي عام زندگي معمول تي آهي پر اسان جا حڪمران پنهنجا شاهي خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪري رهيا آهن جنهن ڪري غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي. تازو پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي سبب اسان چنگچي ڊرائيورن جو روزگار ٽپ ٿي ويو آهي ۽ پيٽ گذر پڻ انتهائي مشڪل ٿي پيو آهي ۽ اسان خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهيون. هنن چيو ته حڪمران اربين روپين جي ٽيڪس وصول ڪري عيوضي ۾ عام ماڻهن مٿان پيٽرول روزانو پيٽرول جو بم ڪيرائي رهيا آهن جنهن ڪري پورهيتن جا عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اسين پورهيت روڊن تي نڪري ڌرڻا هڻي رهيا آهيون. هنن وفاقي سرڪار کي اپيل ڪئي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري پورهيت طبقي کي رليف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ڌرڻي دوران مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس پورهيتن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ سندن مٿان ڪڙڪي پئي جنهن دوران پوليس ڪجهه چنگچي ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ پورهيتن پنهنجو ڌرڻو ختم ڪري ڇڙوڇڙ ٿي روانا ٿي ويا.