| تيل مهانگو ٿيڻ سبب اڪثر ماڻهو گاڏيون بيهارڻ تي مجبور، ڀٽ شاهه ۾ ڊرائيورن جو احتجاج |
ڀٽ شاهه(ن پ ا) ڀٽ شاھه ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي خلاف چنگچي رڪشا ڊرائيورن پاران احتجاج ڪيو ويو، رڪشا ڊرائيورن شهر جي الله والا چوڪ تي پنهنجا رڪشا بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي، ڊرائيورن احتجاج ڪندي چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سبب بيروزگار ٿي ويا آهيون سواري به نٿي اچي رڪشا بند بيٺل آهن، حڪومت عوام مٿان پيٽرول جو بم ڪيرائي ظلم ڪيو آهي، خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شهر جي اڪثر ماڻهن پنهنجون گاڏيون بند ڪري بيهاري ڇڏيون آهن، شهرين چيو ته تيل جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي وڃي.