دنيا اڃا تائين تيل جي کوهن تي قبضي يا زميني سرحدن جي تڪرارن کي جنگ جو بنيادي سبب سمجهي رهي آهي، پر وچ اوڀر ۾ شروع ٿيل نئين جنگ سڀني پراڻن نظرين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي نه رڳو تيل جون ريفائنريون نشانو آهن، پر “گري زون” واري جنگ جو رخ سڌو سنئون پيئڻ جي مٺي پاڻي ڏانهن ٿي ويو آهي. جڏهن دبئي جي جبل علي ڊيسالينيشن ڪمپليڪس جهڙا اهم پلانٽ جنگي ڊرونز جي نشاني تي اچن ٿا، ته ان جو مطلب صرف هڪ عمارت جو نقصان ناهي، پر هڪ اهڙي “لائيف لائين” کي ڪٽڻ جي ڪوشش آهي، جنهن تي ڪروڙين ماڻهن جي جياپي جو دارومدار آهي. ڇا اسان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون جتي پاڻي، تيل کان به وڌيڪ قيمتي ۽ خطرناڪ جنگي هٿيار بڻجي ويو آهي؟
28 فيبروري 2026 تي شروع ٿيل جنگ جنهن ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملا ڪيا، ان کانپوءِ ايران جي جوابي ڪارروائين ۾ تيل جي ريفائنرين، قدرتي گيس جي پلانٽن، سياحت ۽ هوابازي جي شعبي کي نقصان پهتو آهي۔ اهي حملا نه صرف خليجي ملڪن جي معيشت کي متاثر ڪري رهيا آهن، پر انهن جي محفوظ ۽ مستحڪم ملڪ هئڻ واري شهرت کي به ڌڪ پهچائي رهيا آهن۔ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ فارس جي نار واري علائقي جا پاڙيسري ملڪ پنهنجي ريگستاني زمينن هيٺان موجود فوسل فيول صرف پئسو ڪمائڻ لاءِ استعمال نٿا ڪن، پر ان ذريعي پيئڻ جو پاڻي به پيدا ڪن ٿا۔ اهي ملڪ جيڪو پيٽرول پيدا ڪن ٿا، اهو 400 کان وڌيڪ ڊي سيلينيشن پلانٽن کي هلائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪي سمنڊ جي لوڻياٺي پاڻي کي صاف ڪري پيئڻ لائق پاڻي ۾ تبديل ڪن ٿا۔ پر ايران جا حملا هاڻي پاڻي جي اهم ذريعن جي ويجهو به پهچي ويا آهن۔ مثال طور، 2 مارچ تي ايران طرفان دبئي جي جبل علي بندرگاهه تي ڪيل حملا هڪ وڏي ڊي سيلينيشن ڪمپليڪس کان صرف 12 ميل (20 ڪلوميٽر) جي فاصلي تي ٿيا۔ هن ڪمپليڪس ۾ 43 ڊي سيلينيشن يونٽ آهن، جيڪي هر سال 160 ارب گيلن کان وڌيڪ پاڻي پيدا ڪن ٿا، جيڪو دبئي جي وڏي حصي جي ضرورت پوري ڪري ٿو۔ ان کان علاوه گڏيل عرب امارات جي فجيره F1 پاور ۽ واٽر پلانٽ بابت به نقصان جون خبرون آيون، جيتوڻيڪ ان جي هڪ مالڪ ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڪو به نقصان نه ٿيو ۽ آپريشن بند نه ٿيو۔ ساڳئي طرح ڪويت جي دوحه ويسٽ پلانٽ بابت به اهڙيون رپورٽون آيون، جيڪي گهڻو ڪري ويجهن بندرگاهن تي حملي يا ڊرونن کي تباهه ڪرڻ دوران ڪِريل ملبو سبب پيدا ٿيون۔
فارس جي نار واري علائقي جي بادشاهتن کي عام طور پيٽروليم رياستون (Petro-states) چيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اهي اهڙيون رياستون به بڻجي ويون آهن جن کي “لوڻياٺي پاڻي جون بادشاهتون” سڏجي سگهجي ٿو۔ اهي دنيا ۾ سمنڊ مان هٿرادو تازو پاڻي پيدا ڪرڻ ۾ سپر پاور بڻجي چڪيون آهن.جنهن ڪري گولف ڪورس، فوارا، واٽر پارڪ ۽ ايستائين جو اندروني اسڪائي ريزورٽ به موجود آهن، جتي هٿرادو برف تي اسڪائينگ ڪئي وڃي ٿي. دنيا جي 10 سڀ کان وڏن ڊي سيلينيشن پلانٽن مان 8 عرب ٻيٽن ۾ موجود آهن، جڏهن ته باقي ٻه اسرائيل جا Sorek پلانٽ آهن۔ عرب جزيري جا ملڪ گڏجي دنيا جي تقريباً 60 سيڪڙو ڊي سيلينيشن صلاحيت رکن ٿا۔ جڏهن ته ايران جي ويجهو، فارس جي نار ۽ عربي سمنڊ ڪنارن تي واقع پلانٽ دنيا جي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ڊي سيلينيٽ ٿيل پاڻي پيدا ڪن ٿا۔ تقريباً 10 ڪروڙ ماڻهو خليجي علائقي ۾ پنهنجو پيئڻ جو پاڻي انهن پلانٽن تان حاصل ڪن ٿا۔ جيڪڏهن اهي پلانٽ نه هجن ته ڪويت، قطر ۽ گڏيل عرب امارات ۾ تقريباً ڪو به مستقل طور تي رهي نه سگهي ها۔ ساڳي طرح سعودي عرب جي وڏن حصن ۾، ايستائين جو گادي واري شهر رياض ۾ به زندگي مشڪل ٿي وڃي ها۔
آمريڪي سي آء اي کي انهن پلانٽن تي حملن جو خدشو 1980ع کان رهيو، جڏهن صدام حسين ڪويت تي حملو ڪيو ته ان وقت 1991ع ۾ اتحادين جي بمباري تي عراقي فوج لکين پيرل ڪچو تيل خليج فارس ۾ وهائي ڇڏيو. رياض جو پاڻي بند ٿي ويو. آمريڪا آپريشن ڪيو. ۽ ڪويت کي ترڪي ۽ سعودي عرب ۽ ترڪي تقريباً 750 پاڻي جا ٽينڪر ۽ 200 ٽرڪ موڪليا ته جيئن هنگامي طور 18 ٽن بوتل بند پاڻي فراهم ڪري سگهجي. وري يمن جي حوثي تحريڪ 2019 ۽ 2022 ۾ سعودي عرب جي الشقائق واري پلانٽ تي بمباري ڪئي. پر ايران هن وقت تائين سعودي عرب جي پاڻي پلانٽن تي حملا ناهن ڪيا. جڏهن ته تهران کي پاڻ به پاڻي جي سخت کوٽ جو مسئلو آهي۔ 2025 ۾ ته حڪومت مبينا طور گادي واري شهر کي سامونڊي ڪناري ڏانهن منتقل ڪرڻ تي به غور ڪيو هو. پر ايران جو پاڻي ذخيرو ڊيمن ۽ زميني کوهن تي ٻڌل آهي. پر هاڻي علائقائي جنگ صرف فوجي حدن تائين محدود ناهي، ان جا اثر توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ سموري خطي جي معيشت تي پئجي رهيا آهن.
“پاڻي ۽ تيل جي تاريخ جڙيل آهي”، هاڻي ان جو نتيجو پڻ گڏيل آهي. تيل جي جنگ ئي پاڻي جي جنگ بڻجي رهي آهي، ڇو ته انهن پلانٽس کي هلائڻ لاءِ توانائي گهرجي ۽ توانائي جي ذريعن کي تباهه ڪرڻ جو مطلب آهي پاڻي جي پيداوار کي روڪڻ آهي. ان ڪري خطو هڪ خطرناڪ موڙ تي آهي جتي ”پاڻي، توانائي ۽ سيڪيورٽي“ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. عالمي ماهر ان کي صرف هڪ علائقائي تڪرار نه، پر هڪ “نئين قسم جي جنگ” (New Paradigm of Warfare) طور ڏسي رهيا آهن. ‘رائٽرز’ (Reuters) ۽ ٻين عالمي ادارن (جهڙوڪ واٽر سڪيورٽي ڪائونسل) جي تجزين ۾ چيو پيو وڃي ته اسان هڪ اهڙي دور ۾ آهيون جتي “اسٽريٽجڪ انفراسٽرڪچر” (ڊيم، ڊيسالينيشن پلانٽس، پاور گرڊز) فوجي هدفن کان وڌيڪ قيمتي ٿي ويا آهن. جڏهن قومون پنهنجي بچاءُ جي ويجهو پهچنديون آهن، ته اهي “ٽئڪٽيڪل حملن” کان وڌيڪ “ايگزيشنل حملن” (Existential Attacks) تي زور ڏينديون آهن. پاڻي جي سپلاءِ بند ڪرڻ هڪ اهڙو قدم آهي جيڪو دشمن جي آباديءَ کي سڌو سنئون متاثر ڪري ٿو، جنهن کي ڪجهه ماهر “سافٽ سائيڊ آف وار” (Soft side of war) چون ٿا، پر ان جا نتيجا “هارد” (Hard) آهن.
جنيوا ڪنوينشن ۾ واضح لکيل آهي ته سولين آباديءَ جي زندگيءَ لاءِ ضروري شين (پاڻي ۽ خوراڪ) تي حملو ڪرڻ منع آهي. پر انهن ماضي جيان هاڻ به اهي ڪتاب ئي ويڙهي رکي ڇڏيا آهن. عالمي طاقتون ان ڳالهه کي سمجهڻ ۾ ناڪام رهيون آهن ته هاڻي جنگي محاذ صرف زمين تي ناهن. سائبر حملا ايترا تيز آهن جو عالمي سفارتڪاريءَ کي ان تي ردعمل ڏيڻ جو وقت ئي نٿو ملي. ان سان دنيا جي سياست ئي لوڏن ۾ اچي وئي آهي. هو اصل ۾ پنهنجي زندگي جي رڳ ئي ڪٽي رهيا آهن. اهي حملا جاري رهيا ته وچ اوڀر ۾ ڪروڙين ماڻهن جي لڏپلاڻ شروع ٿيندي. جيڪي يورپ ۽ ايشيا جي معيشتن کي ٻوڙي ڇڏيندا.
“نئين واٽر وار” جو پهريون مرحلو شروع ٿي چڪو آهي. هي جنگ “نظامن” جي وچ ۾ آهي. دنيا هن وقت پاڻي جي تقسيم ۽ ان جي انفراسٽرڪچر جي حفاظت لاءِ ڪنهن به مضبوط عالمي معاهدي کان محروم آهي. “عالمي طاقتون ناڪام ٿي رهيون آهن” ڇو ته انهن جو ڌيان اڃا به تيل، گيس ۽ زميني سرحدن تي آهي، پر پاڻي جهڙي حياتياتي ضرورت کي انهن اڃا تائين “سيڪنڊري” (Secondary) مسئلو سمجهيو آهي، جيڪا سندن وڏي غلطي آهي. اهو مسئلو تمام گهڻو پيچيده آهي. ان ڪري پاڻي وارن سسٽمز کي فورن انٽرنيٽ کان ڌار ڪيو وڃي. ڊيٽا کي بلاڪ چين محفوظ ڪيو وڃي.آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي سسٽم کي اهڙو ٺاهيو وڃي جو جيڪڏهن ڪو غير معمولي تبديلي (مثال طور ڪلورين جو مقدار اوچتو وڌڻ) نظر اچي، ته سسٽم خودڪار طريقي سان بند ٿي وڃي جيئن اسپتالن يا عبادتگاهن تي حملن کي جنگي ڏوهه سمجهيو ويندو آهي، تيئن ڊيسالينيشن پلانٽس ۽ پاڻي جي ڊيمن کي “پناهه گاهه” (Protected Zone) قرار ڏنو وڃي.
اڄڪالهه سڀ کان وڏو خطرو “مرڪزيت” جو آهي. هڪ ملڪ جا سڀئي پلانٽس هڪ مرڪزي سسٽم سان جڙيل آهن. جنگ جو رخ تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻي “بندوق” کان وڌيڪ “ڪوڊ” (Code) خطرناڪ آهي. جيڪڏهن حڪومتون پنهنجي واٽر انفراسٽرڪچر کي “نيشنل سيڪيورٽي” کان مٿي کڻي “گلوبل هيومن رائيٽ” طور نه سنڀالينديون، ته پوءِ اهي حملا جاري رهندا. سائبر حملا پاڻي جي نظام لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن اهي جديد پلانٽس “انڊسٽريل ڪنٽرول سسٽم” (ICS) ۽ “اسڪاڊا” (SCADA) ذريعي هلن ٿا. هي سسٽم ڪمپيوٽرن ۽ انٽرنيٽ سان ڳنڍيل هوندا آهن، جنهن ڪري انهن کي هئڪ ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي. اهي سمورن پمپن کي هڪ ئي وقت تي بند ڪري سگهن ٿا. وال اوچتو کوليا ويا ته پاڻي پائپ ڦاٽي پوندا. هئڪرز سسٽم ۾ اهڙو وائرس وجهن ٿا جيڪو آپريٽرز کي غلط ڊيٽا ڏيکاري ٿو (مثال طور، اسڪرين تي ڏيکاريندو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، جڏهن ته اندروني طور تي ڪيميڪل ليڪ ٿي رهيو هجي) هيڪر رينسم ويئر حملو به ڪندا آهن ڪمپيوٽر سسٽم لاڪ ٿي ويندو آهي. ۽ شهرن جو پاڻي بند ٿي ويندو آهي. هن وقت بجلي گهرن کي ان ڪري نشانو پيو بڻايو وڃي جيئن انهن کي ڪير به هلائي نه سگهي. هڪ بم جي قيمت لکين ڊالر ٿي سگهي ٿي، پر هڪ ننڍو سافٽ ويئر پروگرام (سائبر حملو) لکين ماڻهن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو.
تاريخي طور تي، جنگين ۾ زمين يا وسيلن تي قبضو ڪيو ويندو هو، پر هاڻي پاڻي جي پلانٽس، ڊيمن ۽ پائپ لائنن کي نشانو بڻائڻ هڪ نئين ۽ خوفناڪ حڪمت عملي آهي. جيڪڏهن خليج جو پاڻي زهريلو يا آلوده ٿئي ٿو، ته اهو سڄي خطي جي پاڻي جي فراهمي کي متاثر ڪندو. موسمي تبديليءَ جي ڪري اڳي ئي پاڻي جي سطح گهٽجي رهي آهي. هي ڪو عرب ملڪن جو بحران ناهي پر آفريڪا (نيل ندي تي تڪرار) مصر، سوڊان ۽ ايٿوپيا وچ ۾ ڊيم جو تڪرار ان جا واضح مثال آهن.پاڪ ڀارت چين واٽر وار، هي جنگ ثابت ڪري ٿي ته مستقبل ۾ پاڻي واري جنگ ٻين جنگين جو به سبب بڻجندي. نتيجي ۾ اسان تباهيءَ ڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ ان جا نتيجا ايندڙ نسلن لاءِ ناقابل تلافي هوندا.
تاريخ شاهد آهي ته جنگين جا مقصد هميشه تبديل ٿيندا رهيا آهن، پر پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ انسانيت جي خلاف هڪ اهڙو ڏوهه آهي جنهن جا زخم ايندڙ ڪيترن ئي نسلن تائين نه ڀرجي سگهندا. انهن کي نه روڪيو ويو ته اها “نئين واٽر وار” ڪنهن هڪ ملڪ تائين محدود نه رهندي. هيءَ جنگ جيڪا هن وقت ڪوڊ، سائبر حملن ۽ ڊرونز ذريعي وڙهي پئي وڃي، وقت اچي ويو آهي ته اسان سمجهون ته “بندوق” کان وڌيڪ “ڪوڊ” هاڻي اسان جي بقا لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. تيل جي جنگ ته شايد ختم ٿي وڃي، پر پاڻي جي جنگ جيڪڏهن کٽي وئي، ته انسانيت هارائي ويندي.”