تيونس ناري طلاق بعد ٿاڻي پهچي وئي، مڙس تي تشدد جا الزام
جُون 28, 2025
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي دوستي بعد ڪراچي پهچي نوجوان سان شادي ڪندڙ تيونس ناري کي طلاق ملڻ بعد لياقت آباد جي وومين پوليس اسٽيشن پهچي وئي، ناري سندا اياري وومين پوليس اسٽيشن لياقت آباد تي مڙس نوجوان عامر تي تشدد ڪرڻ جا الزام پڻ لڳايا آهن
پوليس موجب تيونس سان تعلق رکندڙ سنداياري سوشل ميڊيا ذريعي لياري جي رهواسي محمد عامر سان رابطي ۾ آئي هئي، فيس بڪ ذريعي دوستي ٿيڻ دوستي کانپوءِ 28 نومبر 2024 تي سنداياري ڪراچي پهتي هئي.
سنداياري محمد عامر سان 29 نومبر تي محمد عامر سان نڪاح ڪيو، 7 مهينن کانپوءِ محمد عامر پنهنجي غير ملڪي گهر واري کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي.
عورت پوليس کي ٻڌايو ته 90 ڏينهن کانپوءِ پاڪستاني وزٽ ويزا 18 فروري 2025 تي ختم ٿي چڪو آهي، عورت پاڪستاني حڪومت کان اپيل ڪئي آهي ته پرميننٽ جاري ڪيو وڃي جئين هو واپس پنهنجي ملڪ وڃي سگهي.
ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب سندا اياري ضلعي سٽي جي ڪنهن به ٿاڻي تي نه پهتي هئي، سندا اياري جو سهرو ٿاڻي تي آيو هو ۽ هن شڪايت ڪئي ته منهنجي پٽ عامر گهر واري سندا اياري کي طلاق ڏني، هاڻي سندا اياري بليڪ ميل ڪري رهي آهي، پوليس عامر جي والد کي ايف آءِ اي سان رابطو ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو سندا اياري منهنجي ضلعي ۾ ڪنهن به ٿاڻي تي پهچي ڪا شڪايت داخل نه ڪئي.