تڪبندين بابت اعتراض چونڊن بعد ٻڌڻ جو فيصلو، اليڪشن ۾ دير قبول ناهي: سپريم ڪورٽ
ڊسمبر 20, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ تڪبندين بابت بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته چونڊن ۾ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، ٻڌڻي دوران سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمير حميد واپس ورتل نوٽيفڪيشنز پيش ڪيا، جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته نقشا ڏسڻ جو ڪم هاءِ ڪورٽ نه پر اليڪشن ڪميشن جو آهي، اڪيلو توهان جو مسئلو نه آهي هر تڪ ۾ اهو مسئلو ٿيندو، جيڪڏهن هڪڙي تڪ ۾ ڪندا ته پوءِ سڀني تڪن ۾ ڪرڻو پوندو، هر پارٽي پنهنجي خواهش موجب تڪبنديون چاهي ٿي، چونڊن ۾ دير جو ڪو به موقعو نه ٿا ڏيڻ چاهيون، وقتي چيف جسٽس چيو ته ائين ڪرڻ سان اليڪشن جا معاملا پٽڙيءَ تان لهي سگهن ٿا، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اليڪشن نه هجي ها ته وچ ۾ مداخلت نه ڪيون ها، عدالت هڪ طريقيڪار ترتيب ڏئي رهي آهي جنهن سان ڪنهن جي حقن جي لتاڙ نه ٿئي، هاڻي اسان انهن معاملن کي چونڊن کانپوءِ کڻنداسين، عدالت درخواستگذارن جو حق محفوظ رکي رهي آهي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ تڪبندين خلاف درخواست منظور ڪندي اسٽي آرڊر جاري ڪيو هو. هوڏانهن سپريم ڪورٽ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي هڪ ٻي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو، وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود درخواستگذار جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان ملڪ ۾ استحڪام نٿا چاهيو؟ چونڊن جي تاريخ اچڻ معمولي ڳالهه ناهي، تاريخ اچڻ سان ملڪ ۾ ٿورو استحڪام آيو آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته چونڊن جو شيڊول جاري ٿي چڪو آهي هاڻ ڪجهه نٿو ٿي سگهي، فيصلو ڏنو ته چونڊون متاثر ٿينديون، جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪنهن کي چونڊن ۾ دير جي اجازت نه ڏينداسين.