قاضي احمد (رپورٽر) شھيد بينظيرآباد جي تڪبندين ۾ تبديلي خلاف سيد زين شاھ پاران اليڪشن ڪميشن وٽ اعتراض داخل ڪرايا ويا آھن
ان ڏس ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ اين اي 213 ۽ پي ايس 38 جي اميدوار سيد زين شاهه پاران ايڊووڪيٽ سچل مجيب معرفت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وٽ اعتراض داخل ڪرائي ڇڏيا
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وٽ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ دليل ڏيندي ايڊووڪيٽ سچل مجيب چيو ته ايندڙ اليڪشن جي لاءِ پيپلز پارٽي پاران تڪبندين ۾ هيراڦيري ڪري پنهنجي پسند مطابق قاضي احمد تعلقي جي يوسي ڏيڙان جي 22 هزار آبادي جا ووٽ تعلقي سڪرنڊ جي انتخابي حلقي پي ايس 38 ۾ شامل ڪرائي ڇڏيا آهن
وڪيل چيو ته تڪبندين ۾ هيراڦيري ڪري ايندڙ اليڪشن جي نتيجن تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ ووٽ شامل ڪرايا ويا آهن
درخواست تي ٻڌڻي بعد چيف اليڪشن ڪمشنر فيصلو محفوظ ڪري ورتو