تڪبندين جي شروعاتي رپورٽ پڌري: ويب سائيٽ نقشا موجود، ووٽر اعتراض داخل ڪرائي سگهندا: قطعي فهرست 30 نومبر تي جاري ٿيندي

سيپٽمبر 27, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن تڪبندين جي شروعاتي رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي، تڪبندين جي شروعاتي رپورٽ اليڪشن ڪميشن جي ويبسائيٽ تي اپلوڊ ڪئي وئي آهي

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ويبسائيٽ تي تڪبندين جا نقشا به موجود آهن، شروعاتي تڪبندين جي اشاعت هڪ مهيني تائين جاري رهندي، تڪ جو لاڳاپيل ووٽر تڪبندين تي اعتراض داخل ڪرائي سگهي ٿو

اليڪشن ڪميشن اعتراضن تي ڌُرين جا موقف ٻڌڻ بعد 28 آڪٽوبر کان 26 نومبر تائين فيصلو ڪندي، نئين تڪبندين جي حتمي فهرست 30نومبر تي جاري ڪئي ويندي

Leave A Comment