حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر
مرڪزي اڳواڻ ستار رند ۽ علي محمد پرويز پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته بوگس ڊجيٽل آدمشماري جي ظاھر ڪيل ھٿ ٺوڪين انگن اکرن تحت ٿيندڙ تڪبندين وسيلي سنڌ کان ڪراچي کي الڳ ڪري سنڌ خلاف سازش
سٽي سنڌ جي دل ۽ تختگاھ ڪراچي کي دهشتگرد مافيا جي چنبي ۾ ڏيڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن. پي ڊيم ايم ۽ پيپلزپارٽي جي حُڪومت تڪراري فراڊي ۽ فرمائشي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي دھشتگرد ۽ سنڌ دشمن ٽولي ايم ڪيو ايم جي مرضي مطابق من پسند نتيجا ڪڍي سنڌي عوام جي تاريخي وجود کي ميسارڻ جي سازش ڪئي آھي
فراڊي آدمشماري تحت ٿيندڙ تڪبنديون سنڌ جي سالميت ۽ سنڌ جي وجود مٿان حملو آھن. هنن چيو ته سنڌ جي سالميت تي حملو ملڪ دشمني آهي. ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ڊجيٽل آدمشماري جا من پسند نتيجا ڪڍڻ کانپوءِ نين تڪ بندين وسيلي ٺٽي، سجاول، خيرپور، سانگھڙ ۽ شڪارپور جون چار قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون گھٽائي
ايم ڪيو ايم جون سيٽون وڌائي کين فائدو ڏئي سنڌ کان ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي وئي آھي. ايم ڪيو ايم جو دھشتگرد ٽولو شروع کان وٺي اھو مطالبو ڪندو رھيو آھي ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري جدا صوبو ٺاھي ڏنو وڃي
پيپلزپارٽي جي سھولتڪاري ۾ فراڊي ۽ بوگس ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي ۽ ان جا ھٿ ٺوڪيا ڪوڙا انگ اکر پڌرا ڪري اڪثريت وارن علائقن جون سيٽون مرضي مطابق وڌائي سنڌ کي ٽوڙڻ جي ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن منصوبي جي شروعات ڪئي وئي آھي