| تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي اتفاق، پاڪ-ترڪي هميشه گڏ بيهندا: شهباز-اردوان ملاقات |
استنبول (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪ صدر رجب اردوان سان ملاقات، تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي اتفاق، عالمي امن لاءِ اسلام آباد يادداشتنامو انتهائي اهم قرار، پاڪ-ترڪ سهڪار وڌائڻ جو عزم ورجايو ويو، وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي دوري جي موقعي تي ترڪ صدر سان ملاقات ڪئي، ان بعد استنبول ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي ترڪ صدر جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس وفد کي ڀليڪار چوان ٿو، ڳالهين ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. هن چيو ته اسان هميشه هڪ ٻئي سان گڏ بيهنداسين، عالمي امن لاءِ اسلام آباد ياداشت نامو (مفاهيمتي ياداشت) انتهائي اهم آهي، امن ۽ خوشحالي لاءِ ڪوششن جي هميشه حمايت جاري رکنداسين، هن چيو ته امن، ترقي توڙي خوشحالي لاءِ پاڪستان جا قدم ساراهه جوڳا آهن. هن جو چوڻ هو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار ۾ واڌ بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان لاڳاپيل وزارتون ويجها رابطا جاري رکنديون.پريس ڪانفرنس ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان اسرائيل تي آمريڪا-ايران ياداشت نامي کي سبوتاز ڪرڻ جو الزام لڳايو ۽ اسرائيل کي خبردار پڻ ڪيو. هن چيو ته آمريڪا-ايران ياداشت نامي کي اسرائيل سبوتاز ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳو پيو آهي، اسرائيل علائقائي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ کان پاسو ڪري. نيوز بريفنگ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته شاندار استقبال ۽ ڀرپور ميزباني تي صدر رجب طيب اردوان جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ ترڪي جي عوام جي وچ ۾ دلي تعلق آهي، جنگ هجي يا قدرتي آفتون، ترڪي هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته مظفر ڳڙهه ۽ ٻين ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ترڪي جي مدد تاريخ جو حصو آهي، زلزلي متاثر علائقن ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ ترڪي جي تعاون جا شڪرگذار آهيون. سندس چوڻ هو ته بي ٽو بي (B2B) فورم ۾ ترڪي جي واپاري شخصيتن سان اهم ويهڪ ٿي، صدر اردوان سان جامع ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي، خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ۽ اسان ٻطرفي واپار جو حجم 5 ارب ڊالر جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته قبرص جي مسئلي تي ترڪي جي موقف جي حمايت ڪريون ٿا ۽ ڪشمير مسئلي تي چٽو موقف رکڻ تي ترڪي جا ٿورائتا آهيون.هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا ايران جنگ بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فيلڊ مارشل ڏينهن رات محنت ڪئي، ڳالهين جي عمل ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، الله جي فضل سان هاڻي اسلام آباد مفاهمت تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، اميد ڪريون ٿا ته ايندڙ 2 مهينن اندر ڊگهي مدي وارو امن قائم ٿي ويندو.
استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي دوري دوران اتان جي ناليوارن ڪاروباري ۽ صنعتي اڳواڻن توڙي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني. استنبول ۾ ترڪي جي ڪاروباري گروپ سان ملاقاتن دوران وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ کي سيڙپڪار دوست ۽ ڪاروبار لاءِ سازگار ملڪ بڻائڻ لاءِ عملي اپاءَ وٺي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ٻطرفي اقتصادي سهڪار ۽ ڊگهي عرصي واري ڀائيواري کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ملاقاتن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ترڪ ڪمپنين کي دعوت ڏني ته هو پاڪستان جي ترجيحي شعبن جهڙوڪ توانائي، کاڻن جي کوٽائي، معدنيات، بنيادي ڍانچي، بحري معاملن، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مواصلات، پيداواري صنعت، زراعت ۽ نجڪاري سميت ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن.