تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکون ٿا: وزيراعظم پاران ڀارت کي ڳالهين جي آڇ

آگسٽ 1, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکون ٿا، جنگيون مسئلن جو حل ناهن، ڳالهين سان اڳتي وڌي سگهجي ٿو، اسان کي پنهنجا وسيلا عوام تي خرچ ڪرڻا آهن

وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسرين سان به ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر شرط اهو آهي ته پاڙيسري به سنجيده معاملا ميز تي ويهي حل ڪرڻ لاءِ تيار هجي

وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سان به گڏيل اعتماد ۽ احترام جي بنياد تي بهترين لاڳاپا چاهي ٿو، اهڙا لاڳاپا نٿا چاهيون جنهن ۾ هڪٻئي لاءِ دوکو هجي

ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٿرڪول ڪوئلي جو وڏو منصوبو آهي، 75سال قدرتي دولت تي ڌيان نه ڏنو ويو، ماضي جي غلطين کي وساري اڳتي وڌڻو پوندو، نيب به ماڻهن کي گهڻو تنگ ڪيو، 75سالن ۾ عوام کي حق نه ڏنا ويا، وڏي زيادتي ڪئي وئي

 معدنيات جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسلام آباد ۾ پاڪستان منرلز سيمينار، وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير به شريڪ آهن، سيمينار ۾ سعودي عرب جو کاڻين بابت نائب وزير خالد صالح المظفر، عالمي نمائندن، معدنيات بابت ماهرن ۽ سيڙپڪار شريڪ آهن

وزيراعظم شهباز شريف افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چيو ته ٿرڪول دنيا ۾ ڪوئلي جي وڏن منصوبن مان هڪ آهي، ماضي جي غلطين مان سبق سکي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي، ڪرپشن به ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻي

وزيراعظم چيو ته نيب به ماڻهن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندو رهيو، ڪرپٽ ماڻهن جي ڪرپشن کي نظرانداز ڪيو ويو، مسئلن جو غير روايتي حل ڏيندڙ ماڻهو به نيب جو شڪار ٿي ويا

وزيراعظم چيو ته ڳالهيون گهڻيون ٿي ويون هاڻ عمل سان ترقي جا حدف حاصل ڪنداسين، 75سال پاڪستان جي غريب عوام سان زيادتي ڪئي وئي انهن کي حق نه ڏنا ويا، اڄ هي موقعو آهي هتي پاڪستان جا امير موجود آهن، ملڪ جا وڏا وڏا ماڻهو موجود آهن، سياستدان، فوجي، سفارتڪار ويٺا آهن، هن شعبي جا ماڻهو به موجود آهن، قدرت پاڪستان کي ٽريلنز آف ڊالرز جي قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، 75سالن ۾ اسان پنهنجي قدرتي دولت تي ڌيان نه ڏنو، هاڻ ماضي مان سبق سکي اڳتي وڌڻو پوندو

وزيراعظم چيو ته هن مهيني حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري گهر ويندي ۽ عبوري حڪومت ايندي ان بعد چونڊون ٿينديون ته نئين حڪومت ايندي، پنهنجي ڪوششن جي ڪاميابي لاءِ ئي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل قائم ڪئي آهي، ان موقعي تي مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ ننڍا ۽ وڏا صنعتي مرڪز ٺاهيا ويندا، معدنيات سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا

Leave A Comment