تڪراري زمين خالي ڇو نه ٿي؟ ملير جي عدالت پاران ايس پي زبير نذير خلاف ڪارروائي  جو حڪم   

تڪراري زمين خالي ڇو نه ٿي؟ ملير جي عدالت پاران ايس پي زبير نذير خلاف ڪارروائي  جو حڪم   

ملير )رپورٽر (ملير جي عدالت پاران تڪراري زمين خالي ڪرائڻ جي حڪم تي عمل نه ٿيڻ جو نوٽيس، ايس ايس پي ايسٽ خلاف ڪارروائي جي سفارش، ان سلسلي ۾ سينيئر سول جج  اسڪيم 33 جي سيڪٽر 17-بي ۾ آباد جي هڪ ميمبر جي 8 ايڪڙ قيمتي زمين تي قبضي واري ڪيس ۾ عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪراچي ايسٽ خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪندي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڏانهن رپورٽ موڪلي ڇڏي، عدالتي رپورٽ موجب 19 مئي 2026 تي عدالت تڪراري زمين خالي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، پوليس کي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. رپورٽ موجب 2 جون 2026 تي ناظر ، پوليس ۽ روينيو عملدار عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ پهتا ته قبضا مافيا مزاحمت ڪندي فائرنگ ڪئي. ناظر جي درخواست باوجود سچل ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو. عدالت ايس ايس پي ڪراچي ايسٽ ۽ ايس ايڇ او سچل کي ٻيهر زمين خالي ڪرائڻ لاءِ قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر پوليس نه اثرائتي ڪارروائي ڪئي ۽ نه ئي عدالت ۾ اطمينان بخش رپورٽ پيش ڪئي. عدالتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايس پي ڪراچي ايسٽ زبير نذير عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ۽ پنهنجي ذميوارين ۾ غفلت جو مظاهرو ڪيو. عدالت ايس ايس پي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي لاڳاپيل اختيارين کي 7 ڏينهن اندر عملدرآمد بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي