| تڪراري فلم ڌريندرخلاف پوليس ڪيس ڪرڻ ۾ ناڪام |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڀارتي تڪراري فلم ڌريندرخلاف داخل درخواست تي عدالتي حڪم باوجود درخشان ٿاڻي جو ايس ايڇ او رپورٽ جمع نه ڪرائي سگهيو، عدالت ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي, درخواستگذار پ پ ڪارڪن عامر کوسو جو چوڻ هو ته ڀارتي فلم ڌريندر ۾ پ پ جي ريلي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جون تصويرون بنا اجازت ڏيکاريون ويون آهن، فلم ۾ ڪراچي جي قديم علائقي لياري کي دهشتگردي جو ڳڙهه ڏيکاريو ويو آهي, انهي فلم سان ملڪ ۽ پ پ جي ساک کي نقصان پهتو آهي، فلم جي ليکڪ، ڊائريڪٽر، پروڊيوسر ۽ اداڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.