تڪراري فلم “ڌُرنڌَر”  تي 6 عرب ملڪن ۾ پابندي

تڪراري فلم “ڌُرنڌَر”  تي 6 عرب ملڪن ۾ پابندي

دبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي تڪراري فلم ”ڌُرنڌَر“ جي نمائش تي نار جي 6 ملڪن ۾ پابندي لڳائي وئي آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب هن وقت تائين سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، قطر، ڪويت، بحرين ۽ عمان ۾ فلم تي پابندي لڳي چڪي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نار وارن ملڪن فلم ۾ پاڪستان خلاف تعصب تي ٻڌل مواد پيش ڪرڻ تي اعتراض ڪندي پنهنجن ملڪن ۾ تڪراري فلم جي نمائش روڪي ڇڏيپروڊيوسر  پاران نار وارن ملڪن ۾ فلم رليز لاءِ درخواست ڪئي وئي هئي، جيڪا رد ڪئي وئي