تڪراري ٽوئٽس ڪيس: شهزاد اڪبر اشتهاري قرار، گرفتاري جو حڪم

تڪراري ٽوئٽس ڪيس: شهزاد اڪبر اشتهاري قرار، گرفتاري جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهزاد اڪبر کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. سيشن عدالت شهزاد اڪبر کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو لکت ۾ آرڊر جاري ڪندي انهي جا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا.عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته شهزاد اڪبر ڪيترائي ڀيرا طلب ڪرڻ جي باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو. شهزاد اڪبر جي خلاف ڪيس جو چالان به عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. ياد رهي ته شهزاد اڪبر جي خلاف سوشل ميڊيا تي تڪراري بيانن جي بنياد تي ڪيس داخل ٿيل آهي. اين سي سي آءِ اي شهزاد اڪبر جي خلاف جولاءِ 2025 ۾ ڪيس داخل ڪيو هو.شهزاد اڪبر پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ برطانيه هليو ويو هو جتي جي هو شهريت به رکي ٿو. ڪجهه وقت اڳ شهزاد اڪبر مٿان تيزاب گردي جو واقعو به پيش آيو هو.