| تڪراري “ڌريندر” جو ٻيو حصو 19 مارچ تي رليز ٿيندو |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي 10 ڏينهن ۾ 500 ڪروڙن جو بزنس ڪندڙ بلاڪ بسٽر مووي ڌريندر جو ٻيو حصو ڌريندر 2 (روينج / بدلو) 19 مارچ تي رليز ٿيندو، اديته ڌر جي لکيل ۽ هدايتڪاري ڏنل فلم ۾رنوير سنگهه، سارا ارجن، ارجن رامپال،سنجي دت، آر ماڌون، راڪيش بيدي مک ڪردارن ۾ اچي رهيا آهن، 140 ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهيل پارٽ 2 جي شوٽنگ پارٽ ون سان گڏ ڀارت ۽ ٿائلينڊ ۾ ڪئي وئي آهي،