تڪراري ڪئنالن جو ڪم روڪيو: پي ٽي آءِ جو قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ، اسان قرارداد پهرين آندي اها کڻو: پ پ جو احتجاج

اپريل 11, 2025

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) پي ٽي آءِ سنڌوءَ تي تڪراري ڪئنالن خلاف ٺهراءُ قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، پاڻي جي دستيابي بابت ارسا جي سرٽيفڪيٽ جي 60 ڏينهن ۾ آڊٽ ڪرائي سي سي آءِ مان منظوري تائين چولستان رٿا تي عمل روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو، وفاق مٿان تڪراري ڪئنالن تي سنڌ جا خدشا ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي، سي سي آءِ جو اجلاس به گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، اسپيڪر قومي اسيمبلي کان اڄ واري اجلاس جي ايجنڊا ۾ ٺهراءُ شامل ڪري تڪراري ڪئنالن تي بحث ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب پاران زرتاج گُل، احمد چٺه ۽ علي محمد خان اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو، پي ٽي آءِ پاران پيپلز پارٽي، جي ڊي اي ۽ متحده سوڌو ٻين پارٽين کان قرارداد جي منظوري لاءِ حمايت وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، علي محمد خان چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪئنالن جي خلاف آهي ته پي ٽي آءِ جي ٺهراءُ جي حمايت ڪري، پاڻي جهڙن حساس معاملن تي به سي سي آءِ کانسواءِ فيصلا ڪيا وڃن ٿا، تڪراري ڪئنال رٿا تي سنڌ جي عوام ۾ بيچيني پکڙيل آهي، علي محمد خان صدر آصف زرداري مٿان سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته زرداري صاحب عين وقت تي بيمار ڇو ٿي ويندو آھي، ان جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان، الله تعالي کيس صحت ڏي پر جيئن پاڻي جو مسئلو سامهون آيو آھي ته زرادري صاحب اسڪرين تان آئوٽ ٿي ويو آھي، صحافين پاران سوال ڪيو ويو ته ڇا زرداري سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪيو آهي؟ جنهن تي علي محمد چيو ته چيڪ ڪيو، صدر ڪير آهي، جيڪڏهن صدر زرداري آهي ته اهو ان جو ذميوار آهي. علي محمد خان چيو ته سنڌو تي ڪئنالن جي تعمير خلاف اسان احتجاج ڪيون ٿا، سنڌ سوڌو سڀني کي پنهنجو حق ملڻ گهرجي، اگر سنڌ پاڻي مسئلي تي خوش نه آھي ته ملڪ کي ڪيئن خوشحالي ۽ امن سان هلائي سگهون ٿا، هي ڪئنالن جو مسئلو اسان جو مسئلو آھي، فارم 47 جا نتيجا نه اچن ها ته سنڌ ۾ به اسان جي حڪومت هجي ها، پاڻي مامري تي اسان سنڌ جا ترجمان آھيون، زرتاج گُل چيو ته سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي ڪئنال مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي، سنڌ جي عوام جو آواز ٻڌو وڃي، پاڻي جو مسئلو انتهائي ڳنڀير آهي، زرتاج گل چيو ته مان ماحولياتي مامري جي وزير رهي چڪي آھيان، پاڪستان 2005 ۾ پاڻي کوٽ جي آخري حد به ڪراس ڪري چڪو آھي، سنڌ واسين کي ٻڌو وڃي، پاڻي جو مسئلو ڳنڀير ٿي چڪوآھي، خدا نه ڪري آخري جنگ پاڻي تي نه لڳي، پاڻي مسئلي کي سياست جي نظر نه ٿيڻ گهرجي، صوبن کي حق ملڻ گهرجن، سنڌ جي ڀائرن جي ڳالھه ٻڌي وڃي، هن چيو ته هن وقت بلوچستان ٻري رهيو آھي پنجاب ۾ ڪنهن جي به عزت محفوظ ناهي، سنڌ پاڻي خلاف سراپا احتجاج آھي ان صورتحال ۾ ڪئنالن جو هي مسئلو وڌيڪ پريشاني پيدا ڪندو، جڏهن ته قرارداد جو عنوان گرين پاڪستان منصوبي تحت سنڌو درياءَ تي ڪئنال  تعمير ڪرڻ  بابت سنڌ جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي قرارداد ڏنو ويو آھي، قرارداد ۾ چيو ويو آھي ته  سنڌ صوبو زراعت، گهريلو طور پيئڻ جي  استعمال ۽ ماحولياتي استحڪام جو وڏو  ذريعو  سنڌو درياءَ کي سمجهي ٿو. جڏهن ته گرين پاڪستان منصوبي تحت  پنجاب ۾ واهن جي تعمير، جنهن ۾ چولستان ڪئنال منصوبو به شامل آهي  جنهن کي سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (CDWP) پاران آڪٽوبر 2024 ۾ منظور ڪيو ويو اهڙي منصوبي  سنڌ جي پاڻي جي حصي ۾ امڪاني گهٽتائي ۽ ڊائون اسٽريم کان  هيٺئين وهڪري تي ماحولياتي اثرن بابت اهم خدشا پيدا ڪيا آهن. پاڪستان جي آئين جي  آرٽيڪل 153، 154 ۽ 155  تحت، صوبن وچم  قدرتي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) کي پاڻي تي بين الصوبائي تڪرارن کي حل ڪرڻ جو اختيار آهي،  پاڻي بابت  1991 جي ٺاھه ۽ انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) ايڪٽ، 1992، پاڻي جي حصيداري لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪن ٿا جيڪو سڀني صوبن جي حقن جي حفاظت لاءِ برقرار رکڻ گهرجي.سنڌ صوبي انهي منصوبي بابت  تحفظات جولاءِ 2024 ۾ سي سي آءِ کي  باضابطه طور تي رجسٽرڊ ڪرايا ويا آھن قرارداد ۾ چيو ويو آھي ته  اهڙن منصوبن کان اڳ شفافيت، سائنسي تشخيص ۽ بين الصوبائي اتفاق راءِ جي ضرورت آھي. تنهن ڪري، هي ايوان قرار ڏئي ٿو ته  پاڪستان جي حڪومت  آئين جي آرٽيڪل 154 تي سختي سان عمل  ڪندي، گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت چولستان ڪئنال سوڌو  منصوبن بابت سنڌ صوبي جي خدشن تي غور ڪرڻ ۽ انهن جي حل ڪرڻ لاءِ 15 ڏينهن اندر گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو هڪ هنگامي اجلاس طلب ڪري ۽ انهي کي يقيني بڻائي ته سڀني صوبن جي موقف  کي ٻڌو وڃي.قرارداد ۾ چيو ويو ته سنڌو درياءَ تي سڀئي نوان ڪئنال منصوبا 1991ع جي پاڻي جي حصيداري معاهدي جي مڪمل عملدرآمد تائين معطل ڪيا وڃن ۽ اهو يقيني بڻايو ويندو ته سنڌ جو مختص ڪيل 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ حصو ۽ ڊائون اسٽريم کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جي فراهمي جي  حقن جو تحفظ ڪيو وڃي، قرارداد  ۾ اهو به چيو ويو آھي ته  وفاقي حڪومت ۽ صوبائي عملدار سنڌ جي چونڊيل نمائندن، هارين ۽ سول سوسائٽي سميت ڊائون اسٽريم   جي اسٽيڪ هولڊرز سان لازمي، شفاف صلاح مشورن کي يقيني بڻائين جنهن ۾ عوامي ٻڌڻيون به شامل آهن جيڪي سي سي آءِ جي ڪنهن به فيصلي کان اڳ ڪيون وڃڻ گهرجن.

اسلام آباد: پيپلزپارٽي اڳواڻن ڪئنالن خلاف ٺهراءُ ۽ اُن جي حمايت بابت پي ٽي آءِ جي مطالبي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسان به قومي اسيمبلي ۾ 7 اپريل تي تڪراري ڪئنالن خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو هو، پي ٽي آءِ کي پيپلز پارٽي جي ٺهراءُ جي حمايت ڪرڻ گهرجي، شازيا مري چيو  ته قومي اسيمبلي ۾ پ پ ميمبرز پاران اُن ٺهراءُ کي ايجنڊا ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، 7 اپريل تي پيپلزپارٽي ٺهراءُ جمع ڪرايو ته پي ٽي آءِ وارا گوڙ ڪري رهيا هئا، نواز ليگ ۽ متحده ٺهراءُ جي حمايت نه ڪئي، پي ٽي آءِ دور ۾ ٻن ڪئنالن جي منظوري ڏني وئي، پي ٽي آءِ غلطي جو ازالو ڪرڻ گهري ٿي ته پنهنجو ٺهراءُ آڻڻ بدران پ پ جي ٺهراءُ جي حمايت ڪري، هن معاملي تي گڏجڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ واضح چيو ته هو سنڌو درياءَ تي ڪئنال جي تجويز جي حمايت نه ڪندو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به چيو ته اهڙا هڪ طرفا فيصلا وفاق جي خلاف آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جي اجازت نه ڏيندي ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي، قومي اسيمبلي ۾ معاملو اٿاريو هو، پي ٽي آءِ ساٿ نه ڏنو،  پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع نه ڪرايو آهي، اسان بهتر سمجهيو ته هن معاملي کي پوائنٽ آف آرڊر تي اُٿاريو وڃي، حالتن کي ڏسي رهيا آهيون، پاڻي معاملي تي آخري حد تائين وڃڻو پيو ته سي اي سي جو اجلاس گهرائي فيصلا ڪيا ويندا.

 

Leave A Comment