تڪراري ڪئنالن مان پاڻي کڻت تي سنڌ جو احتجاج: وفاق کي خط

جُون 24, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران تڪراري ڪئنالن مان پاڻي جي کڻت ۽ صوبي ۾ پاڻي کوٽ خلاف وفاق کي خط سخت احتجاج ڪيو آهي

آبپاشي وزير ڄام خان شورو پاران پ پ سان واسطو رکندڙ پاڻي جي وفاقي وزير خورشيد شاهه کي خط اُماڻيو ويو جنهن ۾ تڪراري چشما جهلم ۽ تونسا پنجند ڪئنالن مان پاڻي جي کڻت تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي

خط ۾ آبپاشي وزير صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ هينئر 39 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ارسا هڪ پاسي ڊئمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنالن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي

سندس چوڻ آهي ته کوٽ ۾ تڪراري ڪئنالن مان پاڻي جي کڻت جاري رهي ته سنڌ جي معيشت متاثر ٿيندي، ارسا سنڌ ۽ بلوچستان کي حصي جي پاڻي جي فراهمي يقيڻي بڻائي

 خط ۾ تڪراري ڪئنالن کي سنڌوءَ مان پاڻي ڏيڻ جو سلسلو بند ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي

Leave A Comment