تڪراري ڪئنالن ۾ پاڻي کڻت، ڊائون اسٽريم ۾ڇوڙگهٽائي وئي
جُون 23, 2025
ٺٽو(رپورٽ: محبوب بروهي)سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي بئراج تي هڪ دفعو ٻيهر پاڻي جي کوٽ وڌڻ لڳي آهي گذريل 5 ڏينهن اندر ڪوٽڙي بئراج جي مٿانهين وهڪري ۾ 13 هزار ڪيوسڪس جي لاٿ ٿي آهي،ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو گهٽجي 29 هزار 9 سئو 90 ڪيوسڪس تي پهچڻ بعد ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي ڇوڙ به انتها حد تائين گهٽائي ويئي آهي، ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ 4 ڏينهن اڳ تائين هلندڙ 7 هزار 4 سئو 69 ڪيوسڪس پاڻي جي ڇوڙ گهٽائي صرف 7 سئو 60 ڪيوسڪس ڪيو ويو آهي،سنڌو درياءُ جي مٿانهين بئراجن گڊو سکر سميت ٻين مٿانهين بئراجن تي پڻ پاڻي وهڪرا گهٽجڻ جو امڪان آھي،ان سلسلي ۾ پاڻي ماهرن موجب برساتن جو نه پوڻ دريائي وهڪرن ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجي رهيو آھي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جا وهڪرا وڌيڪ گهٽجڻ ۽ لاڙ وارن ضلعن کي پاڻي فراهمي متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر آهي،سنڌو درياءُ جي آخري بئراج ڪوٽڙي بئراج تي هڪ دفعو ٻيهر پاڻي وهڪرن ۾ انتها درجي تائين لاٿ باوجود ارسا پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي سمورا تڪراري فلڊ ڪئنال وهائڻ جو سلسلو جاري رکيو پيو اچي جنهن موجب تڪراري چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ 2 هزار ڪيوسڪس سي آر بي سي ڪئنال ۾ 4 هزار 4 سئو 80 ڪيوسڪس ڊي جي ڪئنال ۾ 6 هزار 7 سئو 88 ڪيوسڪس ڪڇي ڪئنال ۾ 5 سئو ڪيوسڪس ۽ ٿل ڪئنال ۾ 7 هزار 7 سئو ڪيوسڪس پاڻي کڻت جو سلسلو جاري آهي ،آبپاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي مٿانهين حصن ۾ زوردار برساتون نه پوڻ جي صورت ۾ سنڌو درياءُ جا وهڪرا وڌيڪ متاثر ٿيڻ ۽ سنڌ جي آخري بئراج ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ وڌڻ جو امڪان آھي.